بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا سان ٻارن سميت ٽريفڪ حادثو

اوٽاوا (ويب ڊيسڪ)  بالي ووڊ نگري جي مشهور اداڪارا رمڀا پنهنجي ٻارن سميت ڪينيڊا جي صوبي اونٽاريو ۾ ڪار حادثي ۾ زخمي ٿي پئي.

اداڪارا فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي تصويرون شيئر ڪندي مداحن کي ٻڌايو ته هوءَ ۽ سندس ٻار ڪار حادثي ۾ زخمي ٿيا آهن.

46 سالن جي اداڪارا جو چوڻ هو ته هوءَ ٻارن کي اسڪول مان واپس گهر وٺي وڃي رهي هئي ته رستي ۾ گاڏي سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هوءَ ٻارن سميت سخت زخمي ٿي پئي آهي.

رامڀا چيو ته سندس ٻه ٻار ۽ کيس معمولي زخم ٿيا آهن پر سندس ننڍي ڌيءَ ساشا سخت زخمي آهي ۽ اڃا اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي.

اداڪارا پنهنجي پوسٽ ۾ مداحن کان دعائن جي به درخواست ڪئي.

اداڪارا رمبها 2010ع ۾ مشهور واپاري سان شادي ڪئي هئي جنهن مان کيس ٻه ڌيئرون ۽ هڪ پٽ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.