سڪرنڊ ۾ سنڌ جي صورتحال تي ڪچهري، قيادت جو فقدان قرار

سڪرنڊ  (ن ع آ) سڪرنڊ شھر جي وچ بازار ۾ موجوده سنڌ جي  صورتحال جي حوالي سان ڪچھري ٿي گذري ، ڪچھري ۾ سياسي، سماجي ،اديبن پاران شرڪت اڳواڻن پاران بحث دوران شھرين به وڏي انگ ۾ ماڻهن بحث ۾ حصو ورتو ۽ پنھنجا ويچار ونڊيا ، ڪچھري سماجي اڳواڻ رضا چانڊيو ۽ خيرمحمد چنا پاران رکرائي وئي ۔ ان موقعي تي اديب ڪھاڻيڪار محمد صديق منگيو چيو ته نوجوان گس ڳولي رھيو آھي ، ھاري تحريڪ سگهھ پيدا ڪئي ھئي  سنڌ جي ساڃانھوندن پنھنجي ڌرتيء لاء ڇا ڪيو ان تي به سوچڻ جي ضرورت آھي ، سماجي اڳواڻ رضا چانڊيو چيو ته اسان جي قوم مھمان نواز ھئي کير کپائڻ کي عيب سمجھندي ھئي اڄ ڀت جي ٿيليء لاء قطار ۾ لڳل آھي ۔ ان جو زميوار ڪير ؟ ڪامريڊ فيض ڪيريو چيو ته اسان اڄ به بتيء جي پويان آھيون ھئنير نظريو نه رھيو آھي بحريا ٽائون واري تحريڪ ڇو ناڪام ٿي ؟ خيرمحمد چنا چيو ته اڄ جون سنڌي نياڻيون غير محفوظ آھن قيادت جي کوٽ آھي ، سماجي اڳواڻ حسين ڪيريو چيو ته ٺيڪيداري سبب ھارين کان زمينون کسيون پيون وڃن جنھن سبب سنڌ جو ھاري پنھنجي ٻچن جو پيٽ نه پالڻ جي ڪري اکين مان لڙڪ پيو ڳاڙي ، سماجي اڳواڻ غلام نبي چوھاڻ چيو ته ڌرتي ء جا معياري آھيون روشن خيال ھوندي به ٽڪيٽ خاطر خاموشي اختيار ڪرڻي ٿي پئي ، ان موقعي تي مجيد عباسي ، ھمت خاصخيلي ، استاد ميرمحمد ڪيريو ، ڪرم الله انڙ ، نورالدين ڪيريو ، اشتياق آرائين ، ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.