ميهڙ مان لکين رپيا ڦر ڪرڻ خلاف شهرين جو احتجاجي مظاهرو

ميھڙ ( س ر )   ميھڙ جي گاھي مھيسر روڊ ڀرسان اي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان گھر مان لکئين روپين جي چوري واري واقعي خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر وڪيل منور جتوئي ، بدر ڏيپر ، اڪبر ڏيپر ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانھيو آھي ته ھڪ ھفتو اڳ نامعلوم چور گھر ۾ داخل ٿي گھر مان لکين روپيا ۽ سونا زيور چوري ڪري فرار ٿي ويا آھن پر ھڪ ھفتو گذرڻ باوجود ميھڙ جي اي سيڪشن پوليس ڪا به ڪاروائي ناھي ڪئي پوليس شڪ ھيٺ آيل جوابدارن کي گرفتار ڪري پئسن عيوض آزاد ڪري ڇڏيو آھي، اسان جي چوري ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار نه پئي ڪري، ھنن گھر ڪئي ته چوري جو ڪيس داخل ڪري ملوث جوابدار گرفتار ڪيا وڃن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.