جهول ۾ بد امني چوٽ چڙهيل، منشيات جو آزار، نوجوان نسل تباهه، ڌرڻو

جهول(رپورٽ: غلام نبي ملوڪاڻي) جهول ٿاڻي جي حد ۾ پوليس سرپرستي هيٺ بدامني، چوٽ چڙهيل چوريون ڦرون روز جو معمول بڻيل منشيات جوا، آڪڙا پرچي سرعام هلڻ خلاف ايس ٽي پي سانگهڙ؛ مرڪزي اڳواڻن ۽ شهرين پاران ايس ايڇ او جهول ياسر نواز مغل خلاف احتجاجي مظاهرو پوليس خلاف ڇتي نعاري بازي حيدرآباد وايه سانگهڙ روڊ هڪ ڪلاڪ کان بند مظاهرين جو ڌرڻو ٻنهي طرفن کان سوين گاڏيون بھيجي ويو مسافر سخت پريشان ان موقعي تي ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ نثار ڪيريو، ضلعي سانگهڙ جي صدر علي ڏنو خاصخيلي، شاهنواز نائچ، جبار جوڻيجو، ڪامريڊ جعفر سنڌي، ممتاز علي مگسي؛ مختيار لغاري۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ايس ايڇ او جهول ياسر نواز مغل ؛ايم ڪيو ايم وارن جي پيدائش آهي جيڪو اسان کي سوشل ميڊيا تي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي احتجاج اسان جو حق آهي جهول شهر؛ ڀرپاسي وارن علائقن مان بدامني خوريون ڦرون؛ منشيات ؛آڪڙا پرچي جوا ؛پوليس سرپرستي ۾ هلندڙ جلد بند ڪرائي علائقي جي غريب ڏٿڙيل ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪرن انتظاميا جي ذميواري آهي ايس ايڇ او جهول غنڊن جيان سوشل ميڊيا تي ڌمڪيون ڏئي اسان جو آواز دٻائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهي  سائيڪل واپس ڪرائي جوابدارن کي گرفتار ڪري قانوني ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.