وفاقي وزير خرم دستگير لاليان ۾ 220 ۽ 500 ڪي وي گرڊ اسٽيشن جو افتتاح ڪري ڇڏيو

لاهور (پ ر) توانائي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير لاليان ۾ گرڊ اسٽيشن جو افتتاح ڪيو آهي. هن نئين منصوبي سان سرگوڌا ۽ فيصل آباد ڊويزن جي صارفين کي مڪمل وولٽيج ميسر ايندا ۽ روزگار جا نوان موقعا فراهم ٿيندا. گذريل ڏينهن افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته فسادين 4 سال سي پيڪ کي روڪي رکيو، هاڻي شهباز شريف نئين جذبي سان اڳتي اچي رهيو آهي. هن چيو ته نواز شريف سي پيڪ آڻي ترقي جي بنياد رکي، نواز شريف ۽ شهباز شريف جو مشن آهي ته هو هن مٽي کي سنوارڻ چاهين ٿا، پاڪستان کي ٻيهر ترقي جي موٽر وي تي آڻڻ لاءِ چئلينج درپيش آهن. هن چيو ته 4 سال ترقي دشمن ٽولوهن ملڪ تي مڙهيل رهيو جنهن سان ملڪي ترقي رڪجي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.