قاضي احمد ۾ ناري جو تشدد خلاف احتجاج

قاضي احمد (ن ع آ)  قاضي احمد شوڪت ڪالوني جي رھواسين صفيا شيخ ۽ دعا شيخ پريس ڪلب قاضي احمد پھچي احتجاج ڪندي ۽ چيو ته ڪجهه وقت اڳ ۾ منهنجي نياڻي نالي دعا شيخ جنهن جو رشتو جتوئي برادري جي ماڻهن سان ڪرايوسين روزانو نياڻي تي تشدد ڪندا ھئا ۽ ڳرا نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏيندا ھئا ۽ ڪالھ شام جو اسان جي نياڻي تي جڏهن پنهنجي ڏير تشدد ڪيو ته ان کان پوء اسان قاضي احمد مان موري وياسين ۽ پنهنجي نياڻي کي وٺي آياسين ۽ اتي به اسان مٿان پڻ تشدد ڪيائون ۽ اڄ وري صبح صوير اسان جي گھرن تي ھلان ڪري تشدد ڪري اسان کي ڌڪ ھنيا جنهن کان پوء اسان قاضي احمد ٿاڻي تي پھتاسين ته پوليس جتوئي برادري جي ماڻھن ڌڪ ھنيا ۽ پوليس وارن پڻ منھنجي مڙس منظور شيخ کي ڌڪ ۽ انصاف ملڻ جي بدران اسان تي تشدد ڪيو ويو ھڪ پاسي جتوئي  برادري جا ماڻهو بااثر  آهن انهن به تشدد ڪيو ۽ وري پوليس انهن جي ھيلپ ڪري اسان مٿان تشدد ڪيو اسان اپيل ٿا ڪيون آء جي سنڌ ھيومين رائيٽس جي تنظيمن ڊي آء جي شھيدبينظيرآباد  ايس ايس پي شھيدبينظيرآباد  ۽ ايس ايڇ او قاضي احمد وحيدشيخ کي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ جن پوليس وارن اسان مٿان ۽ منهنجي مڙس مٿان تشدد ڪيو آهي انهن خلاف پڻ ڪاروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ اسان ڪورٽ ۾ وينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.