ملير ۾ ٿاڻي تي عدالتي ڇاپو، شهري هٿ نه آيو، ايس ايڇ او طلب

ملير(ڊ.ر) جوڊيشل مئجسٽريٽ ملير 6 جي مئجسٽريٽ پاران شاهه لطيف پوليس پاران هڪ شهري آصف خان کي گم ڪرڻ تي ٿاڻي تي ڇاپو هنيو جتي شهري هٿ نه اچي سگهيو ان سلسلي ۾ گرفتار شهري جي ڀاء ياسر پاران جوڊيشل مئجسٽريٽ کي ٻڌايو ويو ته سندس ڀاءُ ٿاڻي ۾ ڪٿي به موجود ناهي جڏهن ته سندس گاڏي ٿاڻي جي ٻاهران بيٺل آهي اهڙي ڄاڻ بعد پوليس گرفتاري بعد گم ڪيل شهري جي گاڏي کي پڻ گم ڪري ڇڏيو، جوڊيشل مئجسٽريٽ پاران رڪارڊ چيڪ ڪرڻ تي شهري جي داخلا نه ملي جڏهن ته مئجسٽريٽ پاران ايس ايڇ او شاهه لطيف کي اڄ رڪارڊ سميت عدالت طلب ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.