ٽنڊو محمد خان ۾ليڊي اهلڪارن تي تشدد جي مذمت، گرفتاري جو مظاهرو

ٽنڊو محمد خان ( ڊ ر ) ٽنڊو محمد خان ۾ قومپرست عوامي اتحاد جي صدر محمد جمن ملاح ، زاھد جسڪاڻي ، جاويد ھاليپوٽو ، منور سومرو ، امتياز نوناري ۽ ٻين پريس ڪلب ٽنڊو محمدخان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ڪجھ ڏينھن پھرين پوليس چيڪ پوسٽ شھيد بابا تي ليڊيز پوليس اھلڪار پاران  چيڪنگ دوران مسافر ڪوسٽر مان ٻن مسافر عورتن جي سامان مان منشيات ھٿ آئي ، منشيات فروش عورتن پاران ليڊيز پوليس اھلڪار کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو ۽ سندس آفيسرن جي موجودگي ۾ تذليل جو نشانو بڻايو ويو ، جنھن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ، هنن چيو ته چيڪنگ دوران ڀريل مسافر ڪوسٽر ۾ ليڊيز پوليس اھلڪار جي تذليل ڪئي وئي جنھن کان پوءِ وڌيڪ پوليس نفري گھرائي منشيات فروش عورتن کي منشيات سميت گرفتار ڪري ٿاڻي تي آندو ويو ته پوليس پاران سياسي مداخلت ۽ پيسن عيوض منشيات فروش ٻنھي عورتن ۽ سندن ساٿارين کي آزاد ڪيو ويو ، هنن چيو ته ٽنڊو محمد خان پوليس منشيات فروشن اڳيان بلڪل بي بس ڏسڻ اچي رھي آھي  ايس ايس پي آفيس اڳيان ڌرڻو ھڻي بک ھڙتال ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.