مڇر ڪالوني واقعو انسانيت جي تذليل، غير قانوني پرڏيهي ڪڍو: اياز لطيف

ڪراچي( رپورٽر)  قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو چيو آهي ته شاهه لطيف اشرافيا بدران عوام جو شاعر هو. سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ تعليم تي ڌيان ڏين، ان ۾ ئي سندن فائدو آهي. ان ۾ ئي سنڌ جي ترقي جو رستو آهي. ڪراچي يونيورسٽي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي اياز لطيف چيو ته مڇر ڪالوني واقعو قانون، اخلاق ۽ انسانيت جي تذليل آهي. هن مطالبو ڪيو ته سمورن جوابدارن کي پڪڙي سخت سزا ڏني وڃي. اياز لطيف چيو ته شاهه لطيف امن، رواداري ۽ محبت جو عالمي پيغام ڏنو. اياز لطيف چيو ته ظالم وڏيرن، ڀتي خورن ۽ ڪرپٽ حڪمرانن کان ڇوٽڪاري جو وقت اچي ويو آهي. ڪراچي جا ماڻهو دهشتگردي کان ڇوٽڪارو چاهين ٿا. اياز لطيف چيو ته سنڌ اڃا تائين ٻڏي پئي آهي. ٻار بکيا ۽ بيمار  آهن، ماڻهو ڊينگي ۽ مليريا ورتل آهن.  اياز لطيف پليجو چيو ته سنڌ سميت ملڪ مان غير قانوني پرڏيهين کي نيڪالي ڏني وڃي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.