حڪومت ايم ايل ون ۽ ڪراچي سرڪلر ريلوي رٿا لاءِ پرعزم آهي: احسن اقبال

اسلام آباد (م ڊ) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي، ته حڪومت ايم ايل ون ۽ ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبن کي شروع ڪرڻ ۾ پرعزم آهي. ايم ايل ون پاڪستان ۽ چين ٻنهي ملڪن جي معيشت تي وڏا اقتصادي اثر ڇڏيندي. هن اهڙو اظهار پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن گذريل ڏينهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ سي پيڪ تحت جاري منصوبن تي ڳالهيون ٿيون جيڪي وزيراعظم شهباز شريف جي هاڻوڪي چين واري دوري دوران پيش ڪيا ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.