عمران جي خواهش آهي ته ملڪ ۾ رتوڇاڻ ٿئي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر) صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ عمران خان کي مخاطب ٿيندي پنھنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آھي ته عمران خان تنھنجي خواھش آھي ته ملڪ ۾ رتوڇاڻ ٿئي ، اقتدار جي هوس ۾  هر حد پار ڪرڻ لاءِ توهان تيار آهيو. ڊڪٽيٽر جي نرسري جا ٽيسٽ ٽيوب بي بي رهيا آهيو. ھاڻ ان نرسري تي تنقيد ڪري ھيرو بنجڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رھيا آھيو. عمران خان توهان اھي ڌاڙيل آهيو ، جنهن  توشا خاني، فارن فنڊنگ، مني لانڊرنگ ۽ گوگي جي ذريعي اربين روپين جا ڌاڙا ھنيا  آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.