عمران مارشل لا جي خواهش جو اعتراف ڪيو: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(م ڊ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته فارن فنڊڊ فتني انقلاب نه پنهنجو خوني مارچ نامنظور جو اعتراف ڪري ورتو آهي. بيلٽ تي رت جا داغ بندوقن سان انقلاب آڻڻ جو ثبوت آهي.  سومر تي عمران خان جي ٽوئيٽ تي ردعمل ۾ مريم اورنگزيب چيو ته عوام 6 مهينن کان انقلاب نه، فارن فنڊڊ فتني، توشه خاني جي ڦُر لُٽ، بشري بي بي جي هيرن، زمين جي ٽڪڙن تي ملڪي مفاد جي سودي ۽ شهيدن جي خلاف مهم ڏٺي آهي، هِن چيو ته سوال اهو آهي ته جيڪڏهن مقصد چُونڊُون هيون ته مارچ ۾ جڏهن اختيار ۽ اقتدار وٽس هئا ۽ توهان ڪرسي جي لاءِ ملازمت جي مدت ۾ واڌ جي آڇ ڪري ٿي سگهيا ته چونڊن جو اعلان ڇو نه ڪيو؟ هن چيو ته ڪنٽينر خان هاڻي چونڊُون ۽ اقتدار گار ۽ بندوق سان نه ملندا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.