عمران جو عدالت ۾ يوٽرن، ريڊ زون ۾ داخل نه ٿيڻ جي خاطري کان اڻڄاڻائي

اسلام آباد( م ڊ) عمران خان پي ٽي آءِ پاران ريڊ زون ۾ داخل نه ٿيڻ جي سپريم ڪورٽ کي ڪرايل خاطري کان اڻڄاڻائي ظاهر ڪري ڇڏي آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين توهين عدالت ڪيس ۾ جمع ڪرايل پنهنجي تحريري جواب ۾ چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي ليڊر شپ پاران منهنجي طرفان عدالت کي ڪرايل ڪنهن به خاطريءَ جي مون کي خبر نه آهي، عدالت جو احترام ڪيان ٿو. عمران خان ڄاڻايو ته سپريم ڪورٽ جي ڪنهن به حڪم جي ڀڃڪڙيءَ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، عمران خان تفصيلي جواب داخل ڪرائڻ لاءِ 3 نومبر تائين مهلت گهري ورتي .عمران خان جي وڪيلن 25 مئي تي اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران ريڊ زون ۾ داخل نه ٿيڻ جي عمران خان طرفان خاطري ڪرائي هئي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.