پيٽروليم شين جا اگهه برقرار، ٽيڪس گوشوارن جي تاريخ ۾ واڌ

اسلام آباد (م ڊ) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته حڪومت پيٽرول، ڊيزل، لائيٽ ڊيزل آئل ۽ گاسليٽ جي اگهن ۾ تبديلي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پيٽروليم شين جا موجوده اگهه ايندڙ 15 ڏينهن تائين برقرار رهندا. پيٽرول جو موجوده اگهه 224 رپيا 80 پئسا في ليٽر، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جو في ليٽر اگهه 235 رپيا 30 پئسا، گاسليٽ جو اگهه 191 رپيا 83 پيسا ۽ لائيٽ ڊيزل جو اگهه 197 رپيا 28 پئسا في ليٽر آهي. هن چيو ته ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي مدي ۾ هڪ مهيني جي واڌ ڪئي پئي وڃي، هاڻي ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ 30 نومبر تائين واڌ ڪئي وئي آهي. اسحاق ڊار چيو ته اهو فيصلو حڪومت اسٽيٽ بئنڪ جي رضامندي سان ڪيو آهي، 50 هزار ڊالرن تائين جي ايل سيز جاري ڪيون آهن، 8 هزار مان 4400 ڪيس ڪليئر ڪيا ويا آهن، پاڪستان ۾ هڪ لک رپين تائين جي سمورن ايل سيز کي ڪليئر ڪرڻ شروع ڪيو ويندو. ان سان وڌيڪ 1365 ڪيس گهٽجي ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.