`ايمن جاويد ۽ اسحاق پنهور جي خون سان انصاف لاءِ سنڌ لاڳيتو سراپا احتجاج

ڪراچي/حيدرآباد/سکر  (نمائندن وٽان) ڪراچي جي مڇر ڪالوني واري علائقي ۾ نجي موبائل ڪمپني جي ٻن سنڌي نوجوانن ايمن جاويد ۽ اسحاق پنهور کي قتل ڪرڻ واري واقعي خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج جو سلسلو جاري آهي.حيدرآباد ۾ايس يو پي ۽ سنڌ سجاڳي فورم پاران پريس ڪلب سامهون غفار چانڊيو، ايڊوڪيٽ محب آزاد لغاري، خدا بخش ٿيٻو، سميع چانڊيو، غلام مصطفيٰ ڀٽي، امجد رند ۽ پير محمد نوناري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.جاتي ۾شهرين ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن عادل لغاري، عبدالرزاق ٿهيم ۽ ذوالفقار ترڪ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو جڏهن ته جهوڪ ۾ جسقم جي ڪارڪنن ۽ شهرين حاجي خان جلالاڻي، علي محمد جلالاڻي، عمر جتوئي ۽ منير زنئور جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.هوڏانهن   مٺي ۾ شهيد انجنيئر ايمن جاويد ۽ اسحاق پنهور جي خون سان انصاف لاءِ قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن ميونسپل ڪميٽي کان ڪشمير چوڪ تائين ضلعي آرگنائيزر سبحان بجير، جنرل سيڪريٽري وڪيل شاهنواز هڱورجو، دانش پرمار،  پرشوتم پرمار، هيرا لعل کيماڻي، فيروز سميجو، ممتاز چانڊيو ۽ گلشن سنڌي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو  ڪيو ويو. شهدادپور ۾ قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن ڊاڪٽر آتم ڀيل، ايڊووڪيٽ صدام کوسو، رئوف جان باگراڻي،  منور، نارو ڀيل، حسن کوسو ۽ سڪندر سنڌي جي اڳواڻي ۾لطيف پارڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاھرو ڪيو. ميھڙ ۾ ايس يو پي  جي ڪارڪن  ۽ شهرين سڪندر سوڍر، حاجي خان مارفاڻي ۽ حبيب حضوري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي نيشنل پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو جڏهن ته نئون ڳوٺ ۾ شھري اتحاد طرفان گرلس پرائمري اسڪول کان ارشاد قريشي، ممتاز سڪندر لاکير ۽ برڪت ڪلھوڙو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي سعدي موساڻي چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو. نصيرآباد ۾ ضمير مغيري، اسد سنڌي،ايوب شيخ، منان شيخ، علي اڪبر شيخ، آصف گاڏھي، لڇمڻ داس، رياض ڦلپوٽو ۽ انعام ڪانڌڙو جي اڳواڻيءَ  ۾قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن احتجاجي مظاھرو ڪيو. شاھ لطيف يونيورسٽي جي شاگردن شھيد اسحاق ۽ جاويد جي خون سان انصاف لاءِ امجد سرگاڻي، رشيد سنڌي، عاقب شر، ارسلان پنھيار، نياز شر، علي عمراڻي ۽ فيض محمد ڦلپوٽو جي اڳواڻي ۾ نيو فيڪلٽي کان مين گيٽ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي،ريلي ۾ يونيورسٽي جي شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. پيرڳوٺ ۾ آصف بلوچ، فهد مڱريو ، ذيشان مڱريو، ايڊوڪيٽ ابوبڪر شاھ ، سراج مڱريو ، فراز قاضي ۽ ارسلان قاضي جي اڳواڻي ۾ جسقم جي ڪارڪنن ۽ سول سوسائٽي احتجاجي مظاهرو ڪري  ڌرڻو هنيو.جروار ۾ امام الدين ۽ جاويد فياض بوزدار  جي اڳواڻي ۾ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن احتجاجي مظاھرو ڪيو جڏهن ته قمبر، لاڙڪاڻو، ميروخان، رتوديرو، مدئجي، ڳڙهي ياسين ۽ ٻين شهرن ۾به احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. احتجاجي مظاهرن کي خطاب ڪندي چيو ويو ته غير انساني تشدد ڪري سنڌي نوجوانن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، جنھن ۾ ڌاري آبادڪاري سميت پ پ سرڪار ملوث آھي، ٽن مھينن دؤران 16 سنڌي نوجوان موت جو کاڄ بڻايا ويا آھن.هنن مطالبو ڪيو ته شھيد اسحاق پنھور ۽ شھيد ايمن جاويد جي قاتلن کي ڦاھي ڏئي سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.