مقتولن جي وارثن لاءِ 50-50 لک رپيا معاوضي جو اعلان

ڪراچي (رپورٽر)  سنڌ ڪابينا مڇر ڪالوني ۾ جنوني هجوم هٿان وحشياڻي انداز ۾ قتل ڪيل ٻن نوجوانن انجنيئر ايمن جاويد ۽ اسحاق پنهور جي وارثن لاءِ 50-50 لک رپيا معاوضي جو اعلان ڪري ڇڏيو.وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪابينا اجلاس ۾ جنوني هجوم هٿان مارجي ويل ٻنهي نوجوانن کي شهيد قرار ڏنو ويو. آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ سنڌ ڪابينا کي بريفنگ ڏيندي چيو ته نجي ٽيلي ڪام ڪمپني جو هڪ انجنيئر ايمن جاويد ۽ سندس ڊرائيور اسحاق پنهور موبائل فون جو ٽاور چيڪ ڪرڻ آيا هئا.آءِ جي موجب انجنيئر جي گاڏي ۾ ميڊيڪل ڪٽ پيل هئي، ميڊيڪل ڪٽ ۾ پايوڊان به هئي، علائقي واسين کي لڳو ته ان ذريعي ٻارڙن کي بيهوش ڪري اغوا ڪيو ويندو آهي.آءِ جي سنڌ موجب 15 جوابدارن جي وڊيوز ذريعي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي، سڃاڻپ ڪيل سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، هجوم کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ تربيت يافتا پوليس فورس جي ضرورت هئي.وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته مڇر ڪالوني جهڙا واقعا معاف ڪرڻ ۽ برداشت ڪرڻ جوڳا نه آهن.ٻئي طرف سنڌ ڪابينا واقعي جي جاچ لاءِ هڪ سب ڪميٽي جوڙي ڇڏي، جنهن ۾ صوبائي وزير امتياز شيخ، مرتضيٰ وهاب، وڏي وزير جو معاون صادق ميمڻ، آءِ جي سنڌ پوليس ۽ گهرو سيڪريٽري شامل آهن،جنهن کي هن معاملي تي تجويزون جمع ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.ٻئي طرف جوڙيل سب ڪميٽي ان ڳالهه جو جائزو به وٺندي ته  ڇا ان قسم جي واقعن  جي روڪٿام  لاءِ موب مئنيجمينٽ پوليس فورس جو قيام  عمل ۾ آڻجي يا نه آڻجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.