ارشد شريف سان ”چار اهم شخصيتن“ جا رابطا،لانگ مارچ ۾ مارگلا جي پهاڙن مان هٿياربند لهندا

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مارگلا جي پهاڙن تي پي ٽي آءِ جا سليپنگ سيل ٺهيل هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، عمران خان جي ڪالهوڪي ٽوئيٽ ان ڳالهه جي گواهي آهي ته لانگ مارچ ۾ رتوڇاڻ ڪئي ويندي، جنهن ۾ واضح ٿي ويو ته انقلاب بيلٽ باڪس جي ذريعي ٿيندو يا خون خرابي سان؟ پي ٽي آءِ جي اندرين.

ذريعن موجب مارگلا جي پهاڙن تي لائسنس ۽ بغير لائسنس هٿيار رکندڙ ماڻهو موجود آهن، جڏهن ته پاڪستان ۾ جاچ ڪندڙ ادارن کي ارشد شريف قتل ڪيس ۾ 21 ماڻهن جي ڊيٽا ملي آهي جنهن تي جاچ شروع ڪئي وئي اهي، انهن مان ٻه ماڻهو دبئي ۾ رهن ٿا، 8 ڪينيا مان رابطي ۾ هئا، 11 پاڪستان مان رابطي ۾ هئا، انهن مان 4 وڏا هاءِ پروفائل هئا جن مان هڪ رياستي عهديدار آهي جنهن تي ڳالهائيندي يا ان جو ذڪر ڪندي پر سڙي ويندا.

ان شخصيت جو نالو پاڪستان جا وڏا وڏا ماڻهو به نٿا وٺن ،ايستائين جو ملڪ جو وزيراعظم ۽ ٻيا به کوڙ سارا نٿا وٺن ، سڀ چپ ڪري ويٺل آهن، جڏهن ته انهن مان هڪ واپاري ۽ ميڊيا سان تعلق رکي ٿو ان اشاري مان لڳي ٿو ته اي آءِ واءِ جو مالڪ سلمان اقبال ئي آهي، ارشد شريف هن جو ملازم رهيو آهي، جڏهن ته ٻه سياسي شخصيتون آهن، جڏهن ته 13 فون ڪالون قتل بعد هن جي فون تي آيون آهن جن جي خبر پئجي نه سگهي ته اهي ڪنهن جون آهن؟.

نوٽ: عمران شفقت جو هي تبصرو روزاني عوامي آواز اڱارو 22-11-01 تي شايع ٿيو 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.