برازيل ۾ کاٻي ڌر جو اڳواڻ لوئز لولا صدر چونڊجي ويو

سائوپولو(م ڊ) برازيل ۾ ٽريڊ يونين اڳواڻ ۽ کاٻي ڌر جو انقلابي اڳوڻو صدر لوئز اينا سيوا دي سلوا چونڊن ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي،هن  چونڊن صدر جيئر بولسونارو سان سخت مقابلي بعد معمولي فرق سان ڪاميابي حاصل ڪئي،  فتح کانپوءِ سائوپولو جي مرڪزي روڊ تي پنهنجي نئين چونڊيل صدر جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ ورڪرز پارٽي جي ڪارڪنن جو سمنڊ اٿلي پيو، فضا تي ڳاڙهي دونهين جا بادل بڻائيندي اتي موجود هجوم نعرا لڳائي رهيو هو ته ” لولا واپس اچي ويو آهي“ لوئز اينا سوي لولا دي سلوا ماڻهن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اها مشڪل مهم هئي، اهو بولسونارو جي مقابلي ۾ لولا نه هو، بلڪه ظلم جي مقابلي ۾ جمهوريت جي جنگ هئي، لولا 20 سال اڳ وڏي تبديلي جي نعري سان اقتدار ۾ آيو هو، پر بعد ۾ ڪرپشن الزام کيس سزا ٿي، 2018ع جي چونڊن ۾ کيس نااهل قرار ڏنو ويو،کيس جيل وڃڻو پيو، بعد ۾ اهي الزام رد ڪيا ويا، لولا جو چوڻ آهي ته اهو منهنجو ٻيو سياسي جنم آهي، اڄ کانپوءِ ٻه برازيل نه رهندا، ملڪ کي متحد ڪيو ويندو، هوڏانهن وزيراعظم محمد شهباز شريف لوئيزانا سيولولا ڊاسلوا کي برازيل جي صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.