مڇرڪالوني ۾ تشدد سان ٻن ڄڻن جي قتل وارو معاملو، جوابدار رمانڊ تي پوليس حوالي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت مڇر ڪالوني ۾ هجوم هٿان تشدد سان ٽيليڪام جي ٻن ملازمن جي قتل واقعي ۾ گرفتار 4 جوابدارن کي جاچ لاءِ رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

جاچ آفيسر مڇر ڪالوني واقعي جي جوابدارن کي دهشتگردي ٽوڙ جي انتظامي جج آڏو پيش ڪري پڇاڳاڇا ۽ جاچ لاءِ سندن رمانڊ جي استدعا ڪئي.

جاچ آفيسر انسپيڪٽر نثار سومرو عدالت کي ٻڌايو ته ڏکوئيندڙ واقعي کانپوءِ شام جو ٻن شڪي ماڻهن کي تحويل ۾ ورتو ويو هو، جن جي سڃاڻپ وڊيو، فوٽيجز ۽ اکين ڏٺن شاهدن جي مدد سان ڪئي وئي هئي.

هن ٻڌايو ته ان کانپوءِ وڌيڪ ٻه جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويو هو.

جاچ آفيسر دعويٰ ڪئي ته سمورن شڪي ماڻهن شروعاتي جاچ دوران واقعي ۾ ملوث هجڻ، ماڻهن کي ڀڙڪائڻ ۽ متاثرن کي تشدد ڪرڻ ۾ ملوث هجڻ جو انڪشاف ڪيو هو، متاثر ٽي سي ايف اسڪول ڀرسان ويران علائقن ۾ موبائل فون ٽاور جي اينٽينا جو معائنو ۽ ان کي درست ڪرڻ وڃي رهيا هئا.

هن وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته تقريبن 500 کان 600 ماڻهو گڏ ٿي ويا، ڇاڪاڻ ته گرفتار جوابدارن ماڻهن کي ڀڙڪايو هو ۽ اهي افواهه پکيڙيا هئا ته متاثر ٻارن کي اغوا جي ارادي سان علائقي ۾ آيا آهن.

انسپيڪٽر نثار سومرو عدالت کي ٻڌايو ته مڇريل هجوم ايمن جاويد ۽ محمد اسحاق تي سخت جسماني تشدد ڪيو، جنهن کانپوءِ هنن دم ڏئي ڇڏيو.

هن عدالت کي ٻڌايو ته جاچ مڪمل ڪرڻ لاءِ ۽ ڪيس ۾ نامزد ٻين شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ جوابدارن کي تحويل ۾ رکڻ جي ضرورت آهي، جيڪي مبينا طور گرفتاري کان بچڻ لاءِ لڪي ويا آهن، انهن ۾ محمد حسنين، عثمان، مالڪ، رحمت مصطفيٰ، رشيد بنگالي، نور افسر، عرفان، شهزاد، رزاق عرف ڪالون ۽ محمد رفيق عرف فاروق شامل آهن.

جاچ آفيسر جج کي استدعا ڪئي ته جوابدارن کي 14 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس تحويل ۾ ڏنو وڃي جيئن جاچ ۽ ٻي قانون ڪارروائي عمل ۾ اچي سگھي، تنهن تي عدالت هڪ هفتي جو رمانڊ منظور ڪندي جوبدارن کي پوليس ڪري ڇڏيو.

عدالت جاچ آفيسر کي هدايت ڪئي ته جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ رپورٽ سان گڏ پيش ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.