اوٻاوڙو ۾ چاچو ٻن ڀائيٽن سوڌو اغوا، وارثن جو بازيابي لاءِ احتجاج

اوٻاوڙي  ۾ چاچو ٻن ڀائيٽن سوڌو اغوا ٿي ويو، سندن بازيابي لاءِ وارثن پاران احتجاج ڪيو ويو.

گذريل رات اوٻاوڙي شهر مان هٿياربند نوجوان صادق پنهور، سندس ٻن ڀائيٽن 13ورهين جي مهتاب ۽ 7 ورهين جي شهباز حسين کي اغوا ڪري ويا، جن جي بازيابي لاءِ وارثن اڄ پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي مغوين جي وارثن طالب حسين، اڪبر علي، غلام رسول پنهور ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته سندن نوجوان صادق پنهور گذريل رات رانوتي روڊ کان پنهنجي پيٽرول پمپ ايجنسي بند ڪري ٻن ڀائيٽن سوڌو گھر اچي رهيو ته کين اڻڄاتل هٿياربندن اغوا ڪري ويا.

هنن چيو ته واقعو جو فوري طور اطلاع ڏيڻ باوجود پوليس اڃا تائين مغوين کي بازياب ناهي ڪرائي سگھي، جنهن ڪري گھر ۾ روڄ راڙو متل آهي.

مغوين جي وارثن ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي گھوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي نوجوان ۽ نينگرن کي بازياب ڪرايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.