ڪوٽڙي: معذور ٻوڏ متاثر جو واپسي ڳوٺ وڃڻ لاءِ گاڏي نه ملڻ خلاف احتجاج

ڪوٽڙي ۾ جيڪب آباد واسي معذور ٻوڏ متاثر واپسي ڳوٺ وڃڻ لاءِ گاڏي نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو آهي.

هاري ڪئمپ ۾ ترسيل ٻوڏ متاثر پيرسن بالاچ مغيري ڊي آفيس ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته هو پنهنجي ڪٽنب سوڌو واپس ڳوٺ وڄڻ چاهي ٿو پر گاڏي نه ٿي ڏني وڃي.

هن چيو ته هو 20 ڏينهن کان ڊي سي ڄامشورو آفيس جا چڪر ڪاٽڻ تي مبجور آهي پر ضلعي انتطاميا گاڏي ڏيڻ بدران ٺلها آسرا ڏئي رهي آهي.

پيرسن سنڌ سرڪار کان مطالبو معاملي جو نوٽيس وٺي ڪٽنب سوڌو واپس پنهنجي ڳوٺ وڃڻ لاءِ گاڏي فراهم ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.