جڏهن به چين سان ڳالهيون ٿينديون آهن عمران خان کي لانگ مارچ ياد اچي ويندو آهي: احسن اقبال

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال جو چوڻ آهي ته اڄ عمران خان ڀارتي ميڊيا جي اکين جو تارو آهي، سندس بيانيو ڀارت ۾ مقبول ٿي رهيو آهي، عمران خان جي تقريرن تي ڀارت ۾ جشن ملهايا پيا وڃن.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي احسن اقبال جو چوڻ هو ته جڏهن به چين سان ڳالهيون ٿينديون آهن ته عمران خان کي لانگ مارچ ياد اچي ويندو آهي.

هن چيو ته پاڪستان کي سياسي لانگ مارچ جي نه معاشي لانگ مارچ جي ضرورت آهي.

احسن اقبال جو چوڻ هو ته عمران خان چوي ٿو چيف اليڪشن ڪمشنر تي ڪيس ڪرڻو آهي، فنانشل ٽائمز تي ڪيس ڇو نه پيو ڪري؟

هن چيو ته پي ٽي آءِ ايم ايل ون منصوبو دير جو شڪار ڪيو، دير سبب ايم ايل ون منصوبي جي لاڳت 3 ارب ڊالر وڌي وئي.

سندس چوڻ هو ته ايم ايل ون منصوبي جي لاڳت 6.8 ارب ڊالر مان وڌائي 9 ارب ڊالر تائين پهچي چڪي آهي.

احسن اقبال چيو ته پاڪستاني قوم اهڙي ليڊر جو ساٿ نٿي ڏئي سگھي جيڪو ملڪ دشمنن جي سياسيت ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته هو عمران خان تي 10 ارب رپين جي هرجاڻي جو ڪيس ڪندو، عمران خان هن تي نارووال اسپورٽس ڪمپليڪس جو ڪوڙو ڪيس ٺاهيو ۽ چور چيو.

هن وڌيڪ چيو ته عمران خان ڪنٽينر تان نعرا هڻي رهيو آهي، هي ته پاڻ واچ چور آهي، قوم عمران خان جي لانگ مارچ جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.