صدف نعيم جو موت: مڙس جيءُ جهوريندڙ بيان ڏئي ڇڏيو

تحريڪ انصاف جي مارچ ۾ گذريل ڏينهن خانگي ٽي وي چينل جي رپورٽر صدف نعيم ڊيوٽي دوران پنهنجي فرض جي ادائيگي ڪندي مارچ جي ڪنٽينر هيٺ اچي فوت ٿي وئي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي هڪ وڊيو پيغام وائرل ٿي رهيو آهي جنهن ۾ فوتي رپورٽر جو مڙس ڏک واري لهجي ۾ چئي رهيو آهي ته کيس ڪنهن جي خلاف ڪا به ڪارروائي ناهي ڪرڻي، هن چيو ته سندس زال ڊيوٽي جي وچ ۾ فرض پورا ڪندي شهيد ٿي آهي، هو دعا ٿو ڪري ته الله هن جي آخرت ۾ سٺيون جايون ڏئي  ۽ سندس مغفرت فرمائي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.