عمران خان کي جيڪڏهن ڳالهيون ڪرڻيون آهن ته فرنٽ اچي ڪري:شيري رحمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته عمران خان جيڪڏهن ڳالهيون ڪرڻيون آهي ته فرنٽ تي اچي ڪري.

سينيٽر شيري رحمان پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته وزيراعظم اڄ هاري پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي، هاري خوشحال هوندو ته ملڪ خوشحال هوندو.

شيري رحمان چيو ته عمران خان جي لانگ مارچ ۾ صحافڻ صدف نعيم شهيد ٿي وئي، ان تي ڏک آهي، صدف نعيم بهادر صحافڻ هئي.

سندس چوڻ هو ته آصف زرداري ۽ نواز شريف وچ ۾ رابطا ڪنهن وقت به ٿي ويندا آهن، ان لاءِ وقت جي ڪا ضرورت ناهي، اتحادي پاڻ ۾ متحد آهن.

هن چيو ته حڪومت جون عمران خان سان بيڪ ڊور ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن، عمران خان جيڪڏهن ڳالهيون ڪرڻيون آهي ته سامهون اچي ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.