ڪوهلي جي ليڪ وڊيو تي انوشڪا شرما چڙي پئي

آسٽريليا ۾ هڪ مداح ڀارتي ٽيم جي سپر اسٽار ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي جي هوٽل جي ڪمري ۾ وڃي هن جي وڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪري ڇڏي جنهن تي ڀارتي ڪرڪيٽر ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

ويرات انسٽاگرام تي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هو سمجهي سگهي ٿو ه مداح سندس پسنديدا رانديگر کي ڏسي خوش ٿيندا آهن، هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ بي چين هوندا آهن ۽ ملڻ چاهيندا آهن پر اها وڊيو پريشاني جو سبب آهي ڇاڪاڻ ته هاڻي پرائيويسي جي حوالي سان عدم تحفظ محسوس ٿو ٿئي.

هن لکيو ته هن جي هوٽل جي ڪمري ۾ پرائيويسي ناهي ته هو ڪٿي پرائيويسي ماڻي سگهي ٿو؟

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Virat Kohli (@virat.kohli)

ٻئي پاسي بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا انوشڪا شرما پنهنجي مڙس ويرات ڪوهلي جي هوٽل روم جي وڊيو ليڪ ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. اداڪارا لکيو ته ماضي ۾ اهڙا واقعا ڀوڳيا آهن جنهن ۾ مداح حد پار ڪري ڇڏيندا آهن جيڪو غلط آهي، اها انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي. هن وڌيڪ لکيو ته اهي جيڪي سوچيندا آهن ته سيليبرٽي آهن هر ڪنهن کي منهن ڏيڻو اٿن ، اهي به انهن مسئلن جو شڪار ٿي سگهندا. هر ڪنهن کي سوچڻ گهرجي ته ايئن هنن سان ٿئي ته ڇا ٿيندو؟

واضح رهي ته ويار ڪوهلي جي ان پوسٽ کان پوءِ باليووڊ اداڪارن سميت پرڏيهي ڪرڪيٽرز به ڪمينٽس ڪيا ۽ ان عمل کي غيراخلاقي قرار ڏنو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.