اهو ڪم نه ڪجان: نواز شريف، وزيراعظم شهباز شريف کي روڪي ڇڏيو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف وزيراعظم شهباز شريف کي پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جا مطالبا مڃڻ کان روڪي ڇڏيو.

پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نواز شريف چيو ته 10 لک آڻڻ جي دعويٰ ڪندڙ اڃا 2000 ماڻهو گڏ نه ڪري سگهيو آهي، عوام جي لاتعلقي جو وڏو سبب ڪوڙ آهي جنهن جيڪو قوم آڏو بي نقاب ٿي چڪو آهي.

هن چيو ته عمران هڪ کان پوءِ ٻيو ڪوڙ ايترو بيدرديءَ ۽ بي رحميءَ سان ڳالهائي رهيو آهي جو ڊي جي آءِ ايس آءِ کي پنهنجي خاموشي ٽوڙي قوم کي سچ ٻڌائڻو پيو.

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته مون شهباز شريف کي چيو آهي ته 2 هزار يا 20 هزار جو ٽولو آڻي هن فتني جو ڪو به مطالبو نه ٻڌو

هن چيو ته وزيراعظم کي پنهنجو سمورو ڌيان عوام جي خدمت تي ڏيڻو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.