مڪاني ادارن کي وڌيڪ اختيار ملي ويا

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ حڪومت ترجمان جو چوڻ آهي ته صوبائي ڪابينا بلدياتي ادارن کي وڌيڪ اختيار ڏيڻ جي باظابطا منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ميئر ڪي ايم سي، واٽر بورڊ ۽ سمورن ترقياتي ادارن جو سربراهه هوندو جڏهن ته سالڊ ويسٽ مئنيجمنٽ ڪراچي ڊويزن بورڊ جو سربراهه به ميئر هوندو .

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو هوته سنڌ حڪومت مڪاني چونڊن لاءِ تيار آهي ۽ اسان ڪڏهن بلدياتي چونڊن جي مخالف ناهي ڪئي، اليڪشن ڪميشن ٽيويهين آڪٽوبر تي چونڊن جي تاريخ جو اعلان سنڌ حڪومت جي مشاورت کانسواءِ ڪيو هو.

مرتضيٰ وهاب چيو هو ته سال اڳ تائين ماڻهو ڪي ايم سي مان مايوس هئا پر هاڻ ادارو ڪم ڪندي نظر اچي رهيو آهي، فنڊ ۽ اختيار ساڳا ئي آهن بس رڳو نيت صاف آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.