خطرناڪ فلمون جن کي ڏسڻ تي پابندي آهي !

ڀوائتيون فلمون ڏسڻ وارا مداح اهي فلمون ان لاءِ ڏسندا آهن ته اهي گهڻيون خوفناڪ هونديون آهن پر جيئن اهڙي ڪنهن فلم تي پابندي لڳي ته ڇا ٿيندو؟ اهڙيون گهڻيون فلمون آهن جيڪي گهڻيون خوفناڪ هجڻ سبب پابندي مڙهيل آهن.

ڪيترين ئي منظرن کي ڪٽي انهن مان ڪجهه فلمون ريليز ڪيون ويون آهن.

دي ايڪسورسسٽ اها اهڙي فلم آهي جنهن کي دنيا جي خوفناڪ فلمن جي لسٽ۾ شامل ڪيو ويندو آهي. ڀوائتيون فلمون پسند ڪندڙ هڪ ٻئي کي اها فلم ڏسڻ جي هدايت ضرور ڪندا آهن. 1973 ۾ جڏهن هيءَ ريليز ٿي ته سڄي دنيا ۾ مشهور ٿي ۽ سرخين ۾ اچي وئي.

ان فلم ۾ هڪ ننڍي ٻارڙي تي شيطاني طاقت ايندي آهي پوءِ ان مان جند آجي ڪرڻ لاءِ ڪندڙ ڪوششن ۾ هيءَ فلم دنيا جي ڀوائتي فلمن ۾ اچي وئي. ميڊيا رپورٽس موجب مختلف ماڻهو اها فلم ڏسڻ وقت بي هوش ٿيندا هئا، ڪجهه الٽيون ڪندا هئا ته ڪنهن جي حالت ايتري خراب ٿيندي هئي جو کين سينيما مان ٻاهر ڪڍيو ويندو هو.

جڏهن ته مختلف سينيمائن ۾ اها فلم ڏيکارڻ تي پابندي هئي. ايڪسورسسٽ تي شروعات ۾ سنگاپور ۾ پابندي مڙهي وئي ته ان فلم ۾ ذريعي ڪنهن مخصوص مذهب جي توهين ڪئي پئي وڃي. اهڙي طرح ملائيشيا ۾ به پابندي مڙهيل هئي. برطانيا ۾ رڳو بالغ ماڻهن لاءِ هلائي وئي. 1984 ۾ فلم جون ڊي وي ڊيز دڪانن مان هٽايون ويون.

ڪينيبيل هولوڪوسٽ 1979 ۾ ريليز ٿيڻ واري ڀوائتي فلم آهي پنهنجي دور جي بدنام زمانا فلم هئي.

ان فلم ۾ اصل جانورن کي ماريو ويو ۽ گهڻو تشدد ڏيکاريو ويو. ڪهاڻي ۾ هو ته هڪ ريسڪيو ٽيم ايمازون جي جهنگن ۾ گم ٿيڻ وارن فلم ڊائريڪٽرز جي هڪ ٽيم کي ڳوليندي آهي.

ان فلم جي ريليز بعد اداڪارن جي منظر عام تان غائب ٿيڻ تي فلم ڊائريڪٽر روگيرو ديوداتو خلاف قتل جو ڪيس هليو.پوءِ جڏهن هو هڪ کي عدالت ۾ وٺي آيو ته سندس جند ڪيس مان آجي ٿي. کيس جانورن تي تشدد لاءِ وڏو ڏنڊ ادا ڪرڻو پيو جڏهن ته اٽلي ۾ ٽي سال ان فلم تي پابندي رهي. ان کانسواءِ ڪيترائي سال آسٽريليا، ناروي، برطانيا ۽ آئرلينڊ ۾ به ان فلم تي پابندي هئي.

آمريڪا تڪراري دلمن تي پابندي ۾ سڀ کان سخت مڃيو ويندو آهي. اتي ڪينيبيل هولوڪوسٽ تي پنج سال پابندي رهي. 1985 ۾ جڏهن سينيما گهرن ۾ فلم هلي ته ڪجهه هفتن بعد پابندي لڳائي وئي جنهن بعد آمريڪا ۾ وڃي 2005 ۾ فلم ريليز ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي.

گروسٽيڪ جاپاني هارر فلم 2009 “ ٺهي جنهن ۾ هڪ ڊاڪٽر کي هڪ نوجوان جوڙي تي بدترين ۽ خوفناڪ تشدد ڪندي ڏيکاريو ويو. ان فلم ۾ گهڻو جنسي تشدد ڏيکارڻ تي برطانيا ۾ پابندي هنئي وئي.جڏهن ته فلم لاءِ چيو ويو ته اصل مواد ۽ ڪردارن جي اهميت کي ناهي ڏيکاريو ويو.

ان فلم جي پابندي جو ڪارڻ ٻڌايو ويو ته فلم ڏسندڙ پاڻ کي نقصان پهچائي سگهن ٿا. اڄ به برطانيا، ملائيشيا ۽ فلپائن ۾ ان فلم ۾ پابندي آهي.

هيومن سينٽيپيڊ ٽو جي ليکڪ ۽ ڊائريڪٽر جي دعويٰ آهي ته هيءَ فلم موجوده دور تائين سڀ کان ڀوائتي فلم آهي. 2009 ۾ ريليز ٿيندڙ فلم جي ڪهاڻي آهي ته هڪ جرمن سرجن ٽن سياحن کي يرغمال بڻائي مٿان خطرناڪ تجربا ڪندو آهي.

فلم جي ٻئي حصي ۾ ڏيکاريو ويندو آهي ته هڪ ماڻهو اها فلم ڏسي متاثر ٿيندو آهي ۽ اهڙي قسم جا تجربا ٻيهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي پر اڳتي نڪري ويندو آهي.

ان فلم تي سڄي دنيا ۾ پابندي هنئي وئي ۽ جتي ڏيکاري ان ۾ ڪجهه سين ڪٽي پيش ڪيو ويو جڏهن ته اڄ به آئرلينڊ، مالديپ ۽ فلپائن ۾ ان فلم تي پابندي آهي.

ٽيڪسس چين سا مسيڪر ۾ فلم ۾ غيراخلاقي مواد ڏيکارڻ تي پابندي مڙهي وئي. ان فلم جي ڪهاڻي ۾ بدنام قاتل ايڊ جين بابت ٻڌايو ويو ته هو قتل ڪري متاثرن جا عضوا گهر ۾ سينگاريندو هو. ان فلم تي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پابندي آهي جنهن ۾ برازيل، چلي، فن لينڊ، فرانس، آئس لينڊ، آئرلينڊ، ملائيشيا، سنگاپور، سويڊن، ناروي، نيوزي لينڊ ۽ جرمني جا ڪجهه علائقا شامل آهن.

ايول ڊيڊ 1981 ۾ ريليز ٿيندڙ ڀوائتي فلم آهي جنهن ۾ غيبات شامل هوندا آهن. اها فلم پنجن شاگردن چوڌاري گهمندي آهي جيڪي پري هڪ جهنگ ۾ ويندا آهن. انهن کي هڪ آديو ٽيپ ملندي آهي جنهن کي ٻڌي هو بدروحن کي آزاد ڪندا آهن جيڪي هنن کي مارڻ لاءِ ڪڍ پئجي ويندا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.