چئوڻ تي مهانگائي: پاڪستان، ڀارت ۽ بنگلاديش کان به غريب بڻجي ويو: عالمي ادارو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان هاڻي انهن ملڪن ۾ آهي جيڪي ڀارت ۽ بنگلاديش کان به ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ غريب آهن.

عالمي بينڪ جي رپورٽ موجب سال 2011 ۾ عالمي غربت جي لڪير ڏهاڙي ٻڙي ڏهائي 99 ڊالر هئي جڏهن ته خوراڪ جي غربت جي لڪير جو مشاهدو هر بالغ شخص لاءِ ڏهاڙي 2 هزار 350 ڪيلورز تي هو.

ملڪن جي شرح مان پتو پوي ٿو ته خوراڪ جي گهرج پورو ڪرڻ لاءِ في گهر جي آمدني 52 سيڪڙو آهي، مثال طور پنجن ماڻهن تي ٻڌل هڪ ڪٽنب جي ماهوار آمدني 25 هزار آهي جنهن مان هڪ ڏينهن جون 2 هزار 350 ڪيلوريز جي خوراڪ جون گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ هڪ فرد جي ماهوار آمدني 2 هزار 600 رپيا آهي.

پاڪستان ۾ غربت جي سطح ۾ ايتري واڌ ٿي آهي جو صحت بخش غذائي خوراڪ جا اگهه به 4 ڀيرا وڌي ويا آهن.

سال 2020 جي انگن اکرن موجب جڏهن 83.5 سيڪڙو آبادي صحت بخش خوراڪ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام هئي ته ڪورونا وبا ۽ ٻوڏ کانپوءِ اها صورتحال ڳنڀير ٿي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.