اڳتي ائين نه ڪندس: مشهور اداڪار سلمان خان آڏو گوڏا کوڙي ڇڏيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪار ڪمال راشد خان عرف ڪي آر ڪي بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان کان معافي گهري دوستي جو هٿ وڌايو آهي.

ڪمال راشد سلمان خان سميت ٻين فنڪارن جي فلمن تي تنقيد ڪندو آهي پر هاڻي هن ٽويٽر تي معافي ورتي اهي.

هن لکيو ته سڀني ماڻهن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته مان سوچيو هو ته منهنجي گرفتاري پٺيان سلمان خان هو پر ائين ناهي، اهو ڪو ٻيو هو.

هن چيو ته سلمان خان جو نالو غلط فهمي ۾ ورتو جنهن تي معافي وٺان ٿو، جيڪڏهن دل ڏکي هجي ته معاف ڪجو، اڳتي خيال ڪندس ته مان فلمن تي تبصرو نه ڪريان.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.