گجرات ۾ پُل ڪِرڻ وارو واقعو ، فوتين جو انگ 120 ٿي ويو، ڪيئي مرڻينگ

موربي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي رياست گجرات جي شهر موربي ۾ دريا تي ٺهيل هڪ سئو چاليهه سالا پل ڪِرڻ سبب فوتين جو انگ وڌي 120 ٿي ويو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب حادثي وقت پُل موجود پنج سئو کان مٿي ماڻهو درياءَ ۾ڪري پيا.

ميڊيا رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته حادثي ۾ ڪيئي ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن جن مان ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

رپورٽن موجب اڻويهين صدي ۾ ٺهيل پُل جو ويجهڙائي ۾ مرمتي ڪم مڪمل ٿيو هو ۽ گذريل هفتي ئي مرمت کانپوءِ 26 هين آڪٽوبر تي پُل کي عوام لاءِ کوليو ويو هو.

ٻئي پاسي رياستي حڪومت چار ۽ مرڪزي حڪومت فوت ٿيندڙ لاءِ ٻه، ٻه لک ڀارتي رُپيا معاوضو ڏيڻ جو  اعلان ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.