پي ٽي آءِ کي اسلام آباد ۾ جلسي جي اجازت نه ملي، عدالت سان رابطو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ وفاقي راڄڌاني ۾ جلسي جي اجازت نه ملڻ تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو آهي.

جلسي جي اجازت نه ملڻ تان پي ٽي آءِ اسلام آباد جي صدر علي نواز اعواڻ طرفان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي، جنهن ۾ڊي سي ۽ آءِ جي اسلام آباد کي ڌر بڻايو ويو آهي.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ملڪي معيشت خراب حالتن ۽ بدانتظامي کي ڏسندي پي ٽي آءِ لانگ مارچ جو فيصلو ڪيو، سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب پي ٽي آءِ سرينگر هاءِ وي تي جلسي ڪري سگھي ٿي.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته حقيقي آزادي لانگ مارچ لاءِ درخواستگذار ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد سان رابطو ڪيو، 26 آڪٽوبر تي خط لکيو ويو پر اڃا تائين اين او سي ناهي ملي، ڊپٽي ڪمشنر بنا جواز معاملي کي ڊيگھه ڏئي رهيو آهي، احتجاج ۽ راءِ اظهار جي آزادي آئيني حق آهي، ڊپٽي ڪمشنر کي اين او سي جاري ڪرڻ لاءِ هدايت ڪئي وڃي.

درخواست ۾ وڌيڪ استدعا ڪئي وئي آهي ته پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کي هراسان نه ڪيو وڃي، آءِ جي اسلام آباد کي خاص سيڪيورٽي لاءِ هدايت جاري ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.