روي شاستري شاهين بابت وڏا انڪشاف ڪري ڇڏيا

ڪينبرا ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ٽيم جي اڳوڻي ڪوچ روي شاستري پاڪستاني فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي جي فٽنس بابت وڏو انڪشاف ڪيو آهي.

ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي روي شاستري چيو ته هڪ شيءَ واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته شاهين شاهه جسماني طور مڪمل فٽ نه آهي هو تمام جلدي واپس آيو آهي.

روي چيو ته مڪمل طور فٽ نه هئڻ باوجود ٽيم جون ان مان وڏيون اميدون رکيون ويٺي آهي، عالمي ڪپ لاءِ مٿس دٻاءُ هو ته هو کيڏي، سليڪٽرز سميت ڪرڪيٽ پرستار به اهو چاهين پيا پر کيس پنهنجي اصل فارم کي بحال ڪرڻ ۾ وقت لڳندو.

اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر چيو ته ميگا ايونٽ ختم ٿيڻ کانپو شاهين کي راند کان ڊگهو وقفو وٺندي ڏسي رهيون آهيان.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.