فوج سان نٿا ٽڪرائڻ چاهيون، ڪنهن جو پيءُ به لال حويلي خالي نٿو ڪرائي سگھي:شيخ رشيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته اسان ڪنهن فوج سان ٽڪرائڻ نٿا چاهيون، رينجرز بابت سواليا نشان آهي، رينجرز عمارتن ۾ رهي ۽ عمارتن جي حفاظت ڪري.

راولپنڊي لال حويلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته ڪنهن جو پيءُ به لال حويلي خالي نٿو ڪرائي سگھي، لال حويلي انقلابي هيڊڪوارٽر آهي، راولپنڊي ۾ لانگ مارچ جو تاريخي استقبال ٿيندو، خبر ناهي بيڪ ڊور ڳالهيون ٿي رهيون آهن يا نه، ڳالهين ذريعي مسئلا حل ٿي وڃن ته سٺي ڳالهه آهي.

هن چيو ته لانگ مارچ جمعي تي راولپنڊي پهچندو شهر جي سموري مسجدن مان ماڻهو لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪندا.

شيخ رشيد ڊي جي ايف آءِ اي سان مخاطب ٿيندي چيو ته پڇڻ چاهيان ٿو ته ٽي بسون لال حويلي ڇا ڪرڻ آيون هيون، اسان عمران خان سان پهاڙ جيان بيٺل آهيون، اسان امن جا رکيوالا آهيون، لاهور هاءِ ڪورٽ سوڌو سمورين عدالتن جا ٿورائتا آهيون، اهڙا ڪيس اسان خلاف نڪري رهيا آهن، جتي اسان موجود به هئاسين.

سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ لانگ مارچ جو تاريخي استقبال ڪنداسين، اسان جو مطالبو ننڍڙو آهي، ملڪي معيشت تباهه ٿي چڪي آهي اسان صلاح مشوري سان نئين چونڊن جي اليڪشن گھرون ٿا، اسان امن لاءِ جان به ڏئي سگھون ٿا، بدامني جو سوچي به نٿا سگھون.

شيخ رشيد چيو ته راڻا ثناءُ الله کي چوان ٿو ته ريڊ زون کي لال حويلي تائين کڻي اچو هڪ هزار ڪنٽينر لڳايو پر لانگ مارچ ضرور اسلام آباد پهچندو، جيڪي نسلي ۽ اصلي آهن اها عمران خان سان گڏ بيٺا آهن، راولپنڊي ۾ انتظامن لاءِ واپس آيو آهيان.

اڳوڻي گھرو وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان ڪنهن فوج سان نٿا ٽڪرائڻ چاهيون، مان ڪيترن سالن کان ڪوڙ نه پيو ڳالهيان، اسٽيبلشمينٽ مونکي ڪا ڌمڪي ناهي ڏني.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.