بشريٰ بي بي جهڙي روپ ۾ هالووين ڪنهن ملهايو، اداڪارا تي تنقيد

اداڪارا اريبا حبيب کي مغربي تهوار هالووين جي موقعي تي اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيرمين عمران خان جي زال بشريٰ بي بي جهڙو روپ ڌارڻ تي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو آهي.

هالووين جي ڏڻ تي ماڻهو جنن ۽ ڏائڻن جي روپ ۾ هڪ ٻئي کي ڊيڄاريندا آهن، ان ڏڻ تي جديد تاريخ ۾ ملهائڻ جي شروعات آمريڪا 1920 کان ڪئي آهي.

هالووين جو ڏڻ آڪٽوبر جي آخر ۾ ملهايو ويندو آهي ۽ هن ڏڻ کي مغربي عيدن جي اهميت حاصل آهي پر هاڻي پاڪستان جي شوبز شخصيتن به ملهائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي

اريبا حبيب به ٻين شوبز ۽ فيشن انڊسٽري جي شخصيتن سان هالو وين ملهايو ۽ هن ڊيڄاريندڙ ميڪ اپ جي جڳهه تي بشريٰ بي بي جهڙو لباس پهريو، جنهن تي ماڻهن مٿس چٿر ڪئي ۽ هن تي اسلامي لباس ۽ پردو ڪندڙ عورتن جو مذاق بڻائڻ جو الزام مڙهيو.

تصويرن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اريبا حبيب سڄو بشريٰ بي بي جهڙو لباس اوڙهيو آهي.

ياور اقبال سان هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هو گهڻو ويجهو بيٺل آهن. ٻنهي جي اها تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي جنهن تي واهپيدارن تنقيد ڪندي لکيو ته هوءِ نه رڳو مذهبي ڪپڙن جو مذاق بڻائي رهي آهي پر مذهبي شخصيت جو به مذاق بڻايو آهي.

ماڻهن اريبا حبيب تي تنقيد ڪندي لکيو ته کيس شرم اچڻ گهرجي جو مغربي شيطاني ڏڻ تي هن باعزت عورت جي لباس جي توهين ڪئي آهي.

ڪجهه ماڻهن ٻنهي کي بددعائون به ڏنيون آهن.

ماڻهن جي تنقيد بعد اريبا حبيب انسٽاگرام اسٽوري شيئر ڪندي لکيو ته هوءِ بشريٰ بي بي جهڙو لباس پهرڻ تي معذرت ٿي ڪري، کيس پنهنجي مذهب لاءِ احترام آهي نه رڳو مذهب پر بشريٰ بي بي جي لباس جو به احترام آهي، کيس اهڙو لباس گهڻو پسند آهي جنهن جي لاءِ محبت جي اظهار طور هن لباس پهريو.

هن ماڻهن کان معافي گهرندي لکيو ته هوءَ پنهنجي غلطي تي معافي ٿي درخواست ٿي ڪري ۽ ايندڙ وقت ۾ ڪنهن به قسم جي پوسٽ شيئر ڪرڻ کان اڳ هوءَ ان جو سنجيدگي سان جائزو وٺندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.