ارشد شريف قتل ڪيس، حڪومت پاران ٽي رڪني جاچ ڪميشن جوڙڻ جو فيصلو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايتن تي ڪينيا ۾ قتل ڪيل سنيئير صحافي ارشد شريف واري ڪيس ۾ ٽي رڪني انڪوائري ڪميشن جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب ٽي رڪني ڪميشن جي سربراهي  جسٽس ( ر ) عبدالشڪور پراچا ڪندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪميشن، پاڪستان انڪوائري ايڪٽ 2017ع تحت ٺاهي پئي وڃي، ڪميشن جي منظوري لاءِ گهرو وزارت ڪابينا جي منظوري لاءِ سمري موڪلي ڇڏي آهي.

ذريعن موجب ارشد شريف قتل ڪيس لاءِ قائم ٿيندڙ ڪميشن جي سموري جي منظوري سرڪيوليشن ذريعي وفاقي ڪابينا کان ورتي ويندي.

ياد رهي ته ان کان اڳ ٻه رڪني اعليٰ جاچ ڪميٽي پڻ ارشد شريف قتل ڪيس جا ڪارڻ ڄاڻڻ لاءِ ڪينيا ۾ موجود آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.