مڇر ڪالوني واقعي جا سمورا جوابدار گرفتار

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ )  سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ ٻوڏ سبب 1.8 ٽرلين ڊالرز جو نقصان ٿيو، ورلڊ بئنڪ امدادي ڪارروائين لاءِ 56 ڏهائي 9 ملين ڊالرز جي فنڊز جي منظوري ڏني آهي.

وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ ڪابينا جي اجلاس دوران چيو ته عالمي بينڪ جي فنڊز جي رقم ٻوڏ متاثرن جي بحالي، روڊن جي اڏاوت ۽ ٻار توڙي ماءُ جي صحت وارن معاملن تي خرچ ڪئي ويندي.

هن چيو ته ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ تي ڊونر اينجسين جا ٿورائتا آهيون، ٻوڏ ۾ تباهه ٿيل گهرن جي سروي جو ڪم جاري آهي، تباهه ٿيل گهر ٻيهر تعمير ڪري ڏنا ويندا.

بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ٻوڏ متاثرن کي 6 لک 73 هزار 867 خيما ڏنا ويا آهن، 5 لک 45 هزار 12 ترپالون ۽ مڇردانيون به ڏنيون ويون، متاثرين ۾ راشن ورهائڻ جو سلسلو جاري آهي.

اجلاس دوران صوبائي وزير ڄام شورو چيو ته نومبر تائين 85 سيڪڙو پاڻي نيڪال ٿي ويندو ۽ ڊسمبر تائين سمورو پاڻي نيڪال ڪيو ويندو.

وڏي وزير مراد علي شاهه پاران برساتي پاڻي جلد نيڪال ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

سنڌ ڪابينا مڇر ڪالوني واري واقعي تي آءِ جي سنڌ کي طلب ڪري ورتو

سنڌ ڪابينا مڇر ڪالوني واري سانحي بابت بريفنگ لاءِ آءِ جي سنڌ کي هلندڙ اجلاس دوران سڏائي ورتو، جنھن اجلاس ۾ پھچي واقعي بابت بريفنگ ڏني آھي.

وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ مڇر ڪالوني واري سانحي تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي.

مڇر ڪالوني سانحو:  4 جوابدار 8 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

 ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي انتظامي جج ڪراچي  مڇر ڪالوني  واري سانحي ۾ ملوث چئن جوابدارن کي اٺ ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت واقعي ۾ ملوث  جوابدارن فاورق، ربيع السلام، فيصل ۽ عبدلغفور کي اٺ نومبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي پوليس کي ايندڙ ٻڌڻي تي  ڪيس جي اڳڀرائي رپورٽ پڻ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

مڇر ڪالوني سانحو ٽئين ڏينهن به آپريشن جاري

ڪراچي جي مڇر ڪالوني ۾ جنوني هجوم هٿان ٻن نوجوانن جي وحشياڻي قتل بعد پوليس جو ٽئين ڏينهن به آپريشن جاري  آھي، وڌيڪ 12 شڪي جوابدار گرفتار ڪيا ويا آھن.

پوليس موجب گرفتار جوابدارن مان هڪ جوابدار جي 62 ورهين جي علي حسن طور سڃاڻپ ٿي آھي.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار علي حسن وڊيو ۾ ھجوم کي روڪڻ بجاءِ مڇرائيندي نظر اچي رهيو هو، جوابدارن کي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، هيل تائين گرفتار ڪيل 54 شڪي جوابدارن کي به جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران مڇر ڪالوني سانحي جو نوٽيس، آءِ جي تفصيل سميت طلب

ٻئي پاسي سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس واقعي جو نوٽيس وٺندي پوليس اختيارين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي.

مڇر ڪالوني ۾ موبائيل ڪمپني جي ٻن ملازمن جي قتل  واري واقعي جون خبرون  ميڊيا تي اچڻ کان پوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمدعلي شيخ پائمرادو نوٽيس ورتو آهي.

چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ واقعي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سائوٿ ۽ ايس ايس پي ڪياماڙي کي اڄ  هڪ وڳي رپورٽ سميت طلب ڪري ورتو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.