” وزيراعظم ڪير ٿيندو آهي واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي آزاد ڪرائڻ وارو ؟ “ 

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بئنچ مسجد نبوي صلعم ۾ پيش آيل واقعي جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا ته شهباز شريف ڪير ٿيندو واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي آزاد ڪرائڻ وارو .

مسجد نبوي صلعم ۾ وفاقي وزيرن سان پيش آيل واقعي تي شيخ رشيد خلاف اٽڪ ۾ داخل ڪيس جي درخواست خارج ڪرڻ واري ٻڌڻي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ٿي.

عدالت ڪيس ۾ جاچ آفيسر راجا فياض تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڪيس ۾ نامزد ٻيا جوابدار ڪٿي آهن، اڃا تائين گرفتار ڇو ناهن ٿيا؟

شيخ رشيد جي وڪيل چيو ته وزيراعظم سعودي عرب وڃي واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي آزاد ڪرائي ڇڏيو آهي، جنهن تي عدالت چيو ته وزيراعظم جو ان ڪيس سان ڪهڙو واسطو آهي؟ شهباز شريف ڪير ٿيندو آهي واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي آزاد ڪرائي.

عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته سياستدان پنهنجي گند کي واقعي کان پري رکن، سياستدانن کي پنهنجي رويي تي غور ڪرڻ کپي، ڀارتي چئنلز اوهان ڏٺا آهن، اهي ڪيڏي واويلا ڪري رهيا آهن.

لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بئنچ جاچ آفيسر کي مخاخب ڪندي چيو ته اوهان قران پڙهي وٺو جنهن ۾ واضح آهي ته پاڻ سڳورن صه جي آواز کان پنهنجو آواز هيٺ رکو، اوهان کي چئن ڏينهن جي مهلت ڏيون ٿا، واقعي جي وڊيو ۾ نظر ايندڙ جوابدار گرفتار ڪيو.

عدالت  ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي چار نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.