صدر عارف علوي جو  آرمي چيف جي سمري روڪڻ کان انڪار

لاهور ( ويب ڊيسڪ )   عمران خان هڪ ملاقات ۾ صدر عارف علوي کي هدايت ڪئي آهي ته  جيڪڏهن نئين آرمي چيف جي مقرري  جي سمري  سندس وٽ اچي ته  ان کي روڪي ڇڏي  صحيح نه ڪري.

نامياري صحافي موجب ذريعن جو چوڻ آهي ته صدر عارف علوي کليل لفظن ۾  عمران خان کي جواب ڏنو آهي ته  اها سمري هو نٿو روڪي سگهي

بس ان صورتحال ۾ اهو بهتر هوندو  ته  صدارت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيان باقي سمري ڪنهن صورت ۾ روڪي نٿو سگهان ، صدر عارف علوي جي اهڙي کري انڪار به  عمران کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي ِ

نوٽ: امداد سومرو جو هي تبصرو روزاني عوامي آواز سومر 22-10-31 تي شايع ٿيو 

You might also like
1 Comment
  1. علي بروھي / Ali Brohi says

    ”صدر عارف علوي جو آرمي چيف جي سمري روڪڻ کان انڪار“، هي هڪ بلڪل بي بنياد ڪوڙ تي ٻڌل افواھ آھي. بي معنيٰ بي مطلب خبر
    ”سمري ڪنهن صورت ۾ روڪي نٿو سگهان، صدر عارف علوي جي اهڙي کري انڪار به عمران خان کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي ِ“، ھي ٻيو ڪوڙ!!!
    ”امداد سومرو جو هي تبصرو روزاني عوامي آواز سومر 22-10-31 تي شايع ٿيو“، امداد ھر وقت باھ ۾ (امداد باھمي)، هي الائجي ڪھڙن سومرن مان آھي؟ ڇاڪاڻ ته ڪڏھن شروعات ڪري ٿو ٺڪ ٺڪ سان ۽ وري اوچتو ڦري پنهنجي اصلوڪي ڪرت شُوۡشُوۡ شُوۡشُوۡ واري ڌن تي وڌيڪ مست ٿي چوڌاري پيو ڇنڊن جي ڇنڪار ڪري پنهنجا ڪپڙا پسائي آلا ڪريو ڇڏي ۽ اوڙي پاڙي وارن لاءِ به مصيبت مچايو ڇڏي. ٺڪ ٺڪ شُوۡشُوۡ شُوۡشُوۡ ٺڪ ٺڪ شُوۡشُوۡ شُوۡشُوۡ

Leave A Reply

Your email address will not be published.