عالمي جنگين بعد ھي خطرناڪ ڏھاڪو آھي. پيوٽن

روس جي صدر ولاديمير پيوٽن اولھھ جي ملڪن تي روس خلاف ايٽمي بليڪ ميل ڪرڻ جو الزام لڳائيندي چيو آهي ته دنيا ٻي عالمي جنگ کانپوءِ پنهنجي خطرناڪ ڏهاڪي کي منهن ڏئي رهي آهي.

ميڊيا جي رپورٽ موجب ولاديمير پيوٽن چيو آهي ته هن کي يوڪرين ۾ فوج موڪلڻ تي ڪو به افسوس ناهي، هن هڪ ”خطرناڪ، خوني ۽ گندي“ جيو پوليٽيڪل راند کيڏڻ جي لاءِ اولهه کي جنگ تي ڀڙڪائڻ ۽ سڄي دنيا ۾ افراتفري پکيڙڻ جو الزام هنيو.

روس جي عظيم ليڊر ولاديمير پيوٽن روسي ماهرن جي اجلاس ويلڊائي ڊسڪشن ڪلب ۾ خطاب ڪندي چيو آهي ته عالمي معاملن تي اولھھ جي ملڪن جي مضبوط گرفت جو تاريخي دور ختم ٿي رهيو آهي.

ھن چيو تھ اسان هڪ تاريخي موڙ تي بيٺا آهيون، شايد ٻي عالمي جنگ جي خاتمي کان پوءِ ھي سڀ کان خطرناڪ، غير متوقع ۽ نازڪ ڏهاڪو آھي.

ولاديمير پيوٽن کان جڏهن ايٽمي جنگ بابت خدشن ۽ يوڪرين جي جنگ ۾ مارجي ويل روسي فوجين بابت سندس جذبات پڇيو ويو ته هو اولهه بابت پنهنجي تبصرن تي انتهائي پرسڪون نظر آيو ۽ يوڪرين جي صورتحال کي جزوي گهرو ويڙهه قرار ڏنو.

اڳوڻي برطانوي وزير اعظم لِز ٽراس جي بيان جو حوالو ڏيندي پيوٽن چيو ته هوءَ لنڊن جي ايٽمي ڊيٽرنٽ کي استعمال ڪرڻ لاءِ تيار آهي.ولاديمير پيوٽن اولهه کي ايٽمي ڇڪتاڻ کي وڌائڻ جي ڌمڪي ڏني.

ولاديمير پوٽن پڻ دعويٰ کي ٻيهر ورجايو ته يوڪرين ماسڪو کي بدنام ڪرڻ لاءِ پنهنجو ريڊيو ايڪٽو ‘گندا بم’ استعمال ڪري سگهي ٿو.

روس 24 فيبروري تي يوڪرين تي حملو ڪيو ھو،جنھن 1962 جي ڪيوبا ميزائل بحران کان وٺي اولھھ سان سرد جنگ جي وڏي تڪرار کي جنم ڏنو ۽ سوويت يونين ۽ آمريڪا کي ايٽمي جنگ جي ڪناري تي پهچايو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.