سنڌ ھن وقت پنهنجي بي وسي  ۽ لاچاري تي لڇي پئي

اي سنڌ ڌرتي جا شھيد  شھزاده نوجوانو اسان توهان جا گناهگار ۽ مياري آهيون ـ ڇو ته اسان به توهان وانگر بيوس ۽ مجبور آهيون اسان جي وس ۾ فقط رڙيون  دانهون ڪوڪون ڪرڻ آهن  اسان جو وجود بلڪل بيڪار ۽ ناڪاره  آهي ھڪ ڏينهن اسان به توهان وانگر ايئن بييارو مدد گار ۽ بيوس ٿي غيرن ھٿان ماريا وينداسين ـ پٿرن سان سنگسار ڪيا وينداسين ۽ ساڙيا وينداسين چور ڌاريل ۽ ڏوھاري بڻائي مارايا وينداسين ڇو ته اسان سنڌي آهيون مظلوم، محقوم ۽ پنهنجي ڌرتي تي لاوارث بڻايا ويا آهيون :

اي خدا ڪريم اسان مجبور ۽ لاچار سنڌين تي پنهنجو خاص رحم ۽ ڪرم ڪر  اسان جو ڪو به ڌڻي سائين نه آهي  تو کان سواءِ ڪنهن کي پنهنجن دردن جون دانهون ڏيون تون اسان بد نصيب سنڌين جي مالڪي ڪر اسان روز ماريا ۽ ساڙيا وڃون ٿا پٿرن سان سنگسار ڪري بيدردي سان اسان جا لاش پنهنجن گھرن، ڳوٺن ۽ پنهنجن ماءُ ۽ پي ڏانهن موڪليا وڃن ٿا ـ تو سواءِ ڪنهن کي دانهن ڏيون اي خدا اسان کي غيبي طاقت عطا ڪري سگهھ عطا ڪر ھاڻي پنهنجن معصوم  ٻچن جا لاش اھڙي حالت ۾ نٿا ڏسي سگهون ۽ ھاڻي اسان جي اکين ۾ لڙڪ به نه رھيا آهن جو پنهنجن جي لاشن تي روئي سگهون.

اي منهنجا حقيقي مالڪ اسان تي رحم ڪر، اسان جي وجود جا ويري قاتل رھزن اسان کي دنيا جي نقشي تي نٿا ڏسڻ چاهين اي اسان جا الله پاڪ اسان جي عزتن جي حفاظت ڪر اسان جي سنڌ جي توکي پارت آهي  ـ اڄ اسان کي پڪ ٿي آهي ته سنڌ جي روحاني مرشد لطيف پنهنجن اکين مان لڙڪ لاڙي سنڌ امڙ سان تعزيت  ڪئي ھوندي منهنجي پياري امڙ سنڌ، بيحال سنڌ، درد ڀري سنڌ، سورن ھاڻي سنڌ، ڏکن دردن ۽ سورن سان ڀرپور غمن جي جي ماريل منهنجي مٺڙي پياري سنڌ، جنهن جو وجود ٽڪرا ٽڪرا ٿي چڪو آهي جيڪا مسلسل پنهنجن معصوم ٻچن جا لاش کڻي کڻي ٿڪي پئي آهي ھن وقت ڏاڍي بيحال ۽ مجبور لاچار بڻيل ۽ ماضي جي  منهنجي خوبصورت سنڌ ھن وقت پنهنجي بيوسي ۽ لاچاري تي لڇي ٿي پڄري ٿي روئي ۽ روڙي ٿي، ھوءَ دانهي ٿي پنهنجن جي غدارين تي سڏڪي ٿي ھوءَ ھاڻي بلڪل خاموش بڻجي وئي آهي صدمي ۾ ھلي وئي آهي جنهن کي ھاڻي فقط لطيف سائين پرچائي سمجهائي سگهي ٿو تنهنڪري ھاڻي اسان ھلون ٿا مرشد لطيف توکي سنڌ جي پارت اٿئي !

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.