لانگ مارچ ۾ لاڏلو ۽ سندس محسن آمهون سامهون

امتياز عالم

آرمي ليڊرشپ سان ڳجهين ڳالهين ناڪام ٿيڻ تي عمران خان لاهور کان اسلام آباد تائين جي ٽي روڊ ذريعي لانگ مارچ تي روانو ٿي چڪو آهي. ان ”آزادي مارچ“ جي شروعات ارشد شريف جي انتهائي مذمت جوڳي، ناحق قتل ۽ تدفين جي ٻئي ڏينهن ۽ آءِ ايس آءِ ۽ آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرلز جي آمريڪي سازش ۽ مقامي سھولت ڪار جي بيانيئي جي خلاف منھن ٽوڙ پريس ڪانفرنس جي ٻن ڏينھن بعد ٿي آھي.

آخرڪار 2018ع ۾ قائم ڪيل هائبرڊ ڪٺ پتلي نيم سياسي نظام  ٽٽي ويو آهي ۽ اڳوڻي مخالف ڌر جي جمهوري موقف جي تصديق ٿي وئي آهي. لڳي ٿو ته هائيبرڊ سسٽم جو ھڪڙو ئي بينيفشري آپي مان ٻاھر نڪري ويو آھي۽ پنهنجي سرپرستن جا هٿ ڪٽڻ تي اچي ويو آھي.جن ھٿن ھن کي وزارت عظميٰ جو قلمدان سونپيوھو،گذريل پنجن مھينن کان جاري  مير جعفر، مير صادق، سهولتڪارن ۽ غدارن جي رٽ آرمي ليڊرشپ جي صبر جو پئمانو ڇلڪائي ڇڏيو آھي.

جيتوڻيڪ  عمران خان فوجي قيادت تي دٻاءُ انڪري وڌائي رهيو هو ته جيئن کيس هڪ ڀيرو ٻيهر مقتدرھ جي اھا ئي ناجائز حمايت ملي وڃي.جنھن جي سھاري آزمايل سياسي قيادتن کي ذليل ۽ رسوا ڪري ديوار سان لڳايو ويو ھو ۽ عمران خان جي ديانت ۽ امانت جي خيالي رياست  مدينھ جو خواب جوڙيو ويو ھو.

پر خان صاحب کان اهو وسري ويو بيوقوفيءَ کي ورجائڻ بدتر بيوقوفي آھي.مقتدره جو ساڻس عشق بري طرح ناڪام ٿي چڪو آھي.اھا ٿڪجي ھارجي نيوٽريلٽي تي مجبور ٿي ڪري پوئتي ھٽي وئي آھي.پر وري  به لاڏلي جي پراڻن نازن نخرن ۽ چڙڏياريندڙ  طعنن کي نظر انداز ڪري ڇڏيو هو، جنھن جي آخرڪار ڪا حد بھ اچڻي ھئي.تمام گھڻي چڙڏيارڻ وارين ڳالھين نظر اندازڪيو ويو ھو ۽ جڏهن ارشد شريف جي خوفناڪ حادثاتي موت يا ظالماڻي ٽارگيٽ ڪلنگ کي مٿين قوتن مٿان مڙھي وئي ته ڄڻ ضبط جا سمورا بند ٽٽي ويا. پهريون ڀيرو آءِ ايس آءِ سربراهه جنرل نديم ۽ آءِ ايس پي آر سربراهه جنرل بابر ميڊيا آڏو فوج جو نقطه نظر  بيان ڪرڻ جي لاءِ اچي ويا، هنن سائفر جي سازشي ڪھاڻي کي 100 سيڪڙو ڪوڙ قرار ڏيندي  عمران خان جي فوج مخالف ٻچاپڙائپ واري قول ۽ فعل کي کولي سامھون رکي ڇڏيو.

سينيٽ چيئرمين جي چونڊ ۾ ڌانڌلي کانپوءِ دعويٰ ڪئي وئي ته فوج جي سياسي معاملن ۾ مداخلت جا ڪي ثبوت پيش ڪيا وڃن. رات جو بند ڪمرن ۾ لاڏلي جي غير آئيني مدد جون التجائون ۽ ڏينھن جي روشني ۾ الزامن جي تيرن ۽ ايتري تائين جو آرمي چيف کي وڌيڪ واڌ ڏيڻ جي پرڪشش آڇ ۽ گڏوگڏ آرمي چيف تي غداري جا الزام پڻ.ٻنھي ٿري اسٽار جنرلز فوج جي سياست کان مڪمل دستبرداري ۽ آئيني،قانون جي دائري ۾ رھڻ جي ادارتي گڏيل فيصلي کان اگاھ ڪندي پنھنجي پنھنجي غيرسياسي ڪردار جو دفاع ڪيو، جنهن تي عمران خان مسلسل طنز ڪندو رھيو ھو ۽ سندس اصرار ھو تھ فوج سندس غير آئيني سياسي حمايت بحال ڪري.

ارشد شريف جي معاملي تي ٻنهي جنرلن موقف اختيار ڪيو ته سندس جان کي ڪو به خطرو نھ ھو،هو ڪافي عرصي کان آءِ ايس پي آر ۽ آءِ ايس آءِ سان گڏ وڏيون خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو ھو. ھن جي پاڪستان کان ٻاھر وڃڻ بعد بھ ٻنھي ادارن جي آفيسرن سان رابطو رھيو.جنرل بابر، ارشد شريف جي قتل جي معمي حل ڪرڻ لاءِ عالمي ادارن ۽ ماهرن کان مدد وٺڻ ۽ جاچ ۾ هر قسم جي مدد جو يقين ڏياريو. ٻنهي اعليٰ فوجي عهديدارن جي گڏيل پريس ڪانفرنس سان عمران خان جي فوج  سان ويجهن لاڳاپن جي دور جو ڊراپ سين ٿي ويو.

جيتوڻيڪ عمران خان لانگ مارچ جي شروعات تي سينيٽر اعظم سواتي تي ڪيل مبينھ تشدد جي ذميدار آفيسرن جي خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪندي. آءِ ايس آءِ سربراهه کي حڪم ڏيڻ واري انداز ۾ خطاب تھ ڪيو  پر ملڪي مفاد ۾ هن خاموش رهڻ کي مناسب سمجهيو. هن پنهنجي ”آزادي مارچ“ جي ٽون سيٽ ڪرڻ جي لاءِ ھن ”آئون قوم کي آزادي ڏياريندس، يا مرڻ قبول ڪندس“، جي دعويٰ تھ ڪئي .پر فوجي ادارتي بيان بعد ڪپتان بيڪ فوٽ تي اچڻ تي مجبور ٿي ويو.

هاڻي هن کي 8 ڏينهن جي ٽي روڊ تي مختلف جلسن کي خطاب ڪرڻ  ۾ گذارڻا آھن،عوام جي ريلي کي  4 نومبر تي پرامن احتجاج جي لاءِ اسلام آباد وڃڻو آھي. ان دوران ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. جيئن دهشتگردن ارشد شريف کي ڌمڪي ڏني هئي، جنھن جوٿريٽ  الرٽ خيبرپختونخواهه حڪومت جاري ڪيو هو، ا هو پاڪستان ۾ انتشار پکيڙڻ لاءِ ڪجهه به ڪري سگهن ٿا. هڪ طرف ٻوڏن سبب تباهه ٿيل لکين بي گهر ۽ بي سھارا ماڻهن جي بحاليءَ لاءِ اٽڪل 16 ارب ڊالرن جي گھربل آھن ۽ پاڪستان عالمي ماحولياتي انصاف جو مطالبو ڪري رهيو آهي ته ٻئي طرف اسلام آباد ۾ هڪ خوفناڪ سياسي طوفان برپا ٿي چڪو ھوندو، تھ پوءِ دنيا ۾اسان بابت ڪو ڇو سنجيدگي اختيارڪندو ؟

پر عمران خان کي ان جي ڪهڙي پرواهه .ھن کي فڪر آھي تھ نئين آرمي چيف جي مقرري ۽ ايندڙ چونڊن جي تاريخ بابت،. نئين آرمي چيف جي مقرري تھ هاڻي فوج جي سياست کان پري رهڻ جي عزم جو ئي مظهر ھوندي ۽ سينيارٽي جي اصول کان ھٽڻ مشڪل نظر اچي ٿو جيڪو عمران خان چاهي ٿو. مان حيران آهيان ته عمران خان کي ايتري مقبوليت جي باوجود مقتدرھ جي بيساکين جي ڪھڙي ضرورت آهي، يا وري مارچ بدران آڪٽوبر ۾ چونڊون ڪرايون وڃن ته به ڪو خاص فرق نه پوندو ۽ اتحادي حڪومت وٽ ايٽمي ڌماڪن جهڙو ڪو معجزو به ناهي.جو اھا ايتري وقت ۾ ڪجھھ ڪري ڏيکارڻ جي قابل ٿي ويندي. لڳي ٿو ته فوج سياست تان ھٿ کڻڻ ۽ عمران خان جي بيانيئي مان  هوا ڪڍڻ ۾ دير ڪري ڇڏي آهي. عمران جي بيانيئي جو جيڪو جادو ھلڻو ھو اھو ھلي چڪو آھي ۽ ھاڻي ان جو نشو  جلد ختم ٿيڻ وارو ناهي. جي ڪو وڏو حادثو نه ٿي وڃي، جنهن جون ڪيتريون ئي وارنگنز ملي رھيون آهن، تيستائين ان لانگ مارچ مان سندس  حامين کي سياسي ٿڪاوٽ ۽ مايوسي کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه ملڻو آھي.

جيڪڏهن ھو 25 مئي تي ڌرڻي جو اعلان نه ڪري ھا ته اتحادي حڪومت استعيفيٰ ڏئي چونڊن جو اعلان ڪرڻ واري ھئي. اڃا به ڪنهن وچ  واري تاريخ تي شايد راءِ جڙي سگھي ٿي، پر هن لانگ مارچ ان امڪان کي به ختم ڪري ڇڏيو آهي.عمران خان هاڻي پنهنجي سياست ڪرڻ لاءِ آزاد ٿي چڪو آهي.هاڻي جيڪڏهن هو ڪو غلط قدم کڻندو ته کيس ان جو نتيجو ڀوڳڻو پوندو ۽ جيڪڏهن ھڪ قدم بھ سياسي مفاهمت لاءِکڻندو ته پنهنجي مستقبل جي سياست بچائي سگهي ٿو.مقتدرھ  جي غير جانبداري کيس سوٽ ڪري ٿي. ۽ اتحادي حڪومت جي لاءِ ڪمزوري جو سبب آهي. ان مان کيس فائدو کڻڻ گهرجي ۽ ھڪ جمهوري ۽ آئيني رستو اختيار ڪري پنهنجي جمهوريتپڻي  کي ثابت ڪرڻ  ۽ ان تي قائم رھڻ جو عزم ڪرڻ گھرجي.

جمھوري صفن ۾ عمران خان جي واپسي پاڪستان جي جمهوري مستقبل کي مضبوط ڪري سگهي ٿي، بشرطيڪ سياستدان هڪ ٻئي جي ڄنڊا پٽ ڪندا نھ رھن.مقتدرھ عمران خان کي ھيستائين آڻي چڪي آھي،سسٽم جي ٻانھن مروڙڻ ھن کي گھڻي مھانگي پئجي سگھي ٿي،لاڏلن کي پنھنجي محسنن کي ڳچيءَ ۾ پوڻ جو ڪو پھريون موقعو نھ آھي،جنھن جي قيمت ادا ڪري ئي توهان پنهنجي طور تي ھڪ حقيقي ليڊر بڻجي سگھو ٿا. پر عمران خان کي سوچڻ گهرجي ته هو ڪهڙي قسم جو ”انقلاب“ آڻڻ چاهي ٿو ۽ سندس متبادل ايجنڊا ڇا آهي؟، رڳو گوڙ شور ڪرڻ ۽ گارين جي بازار گرم ڪرڻ سان تھ سماجي ۽ رياستي ڍانچي کي تبديل ڪري نٿوسگهجي ۽ نه ئي پاڪستان پنهنجن ايترن پراڻن بحرانن مان نڪري سگھي ٿو.ٿورو سوچيو! ۽ ان جي تحريڪ انصاف کي تمام گهڻي ضرورت آهي!

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.