ڪراچي:اسٽريٽ ڪرائيم جي وارڌاتن ۾ ملوث 4 جوابدار گرفتار

ڪراچي(رپورٽر) سر سيد ٿاڻي جي پوليس ڳجهو اطلاع ملڻ تي ڪارروائي ڪري، اسٽريٽ ڪرائيم جي وارڌاتن ۾ ملوث چئن جوابدارن نويد، ساگر عباسي، آصف ۽ رضا عباس کي گرفتار ڪري، انهن جي قبضي مان 10 موبائيل فون، 4 لوڊ پستول ۽ هڪ موٽر سائيڪل هٿ ڪئي آهي.پوليس جو چوڻ آهي؛ ته شروعاتي جاچ دوران جوابدارن اعتراف ڪيو آهي، ته اهي حسن اسڪوائر پل، بلوچ ڪالوني پل، لياقت آباد پل ۽ ناگن چورنگي تي ٽريفڪ جام ٿيڻ دوران شهرين کان ڦر لٽ ڪري فرار ٿي ويندا هئا. پوليس موجب جوابدارن جو ٽولو 8 ڄڻن تي مشتمل آهي، ۽ انهن جو تعلق ڏکڻ پنجاب سان آهي، جوابدارن اهو به انڪشاف ڪيو آهي؛ ته هڪ موٽر سائيڪل تي چار چار ڄڻا سوار ٿي هوٽلن تي چانهن پيئڻ لاءِ ويهندڙ شهرين کان به ڦر لٽ ڪندا هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.