فارن فنڊنگ ڪيس مني لانڊرنگ ۾ تبديل، عمران جي گرفتاري جو امڪان

ڪراچي(م ڊ) ايف آءِ اي فارن فنڊنگ ڪيس کي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ تبديل ڪندي عمران خان کي مرڪزي جوابدار نامزد ڪري ڇڏيو، جنهن تحت کيس طلبي جو نوٽيس به جاري ڪيو ويو آهي ۽ پيش نه ٿيڻ تي هن جي گرفتاري جا امڪان آهن، ايف آءِ اي ڪراچي پاران مني لانڊرنگ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي 31 آڪٽوبر تي طلبي جو ٻيو نوٽيس هن جي رهائش گاهه بني گالا ۽ زمان پارڪ لاهور ۾ رهائش گاهه جي ايڊريس تي موڪليو ويو آهي، ايف آءِ اي موقف اختيار ڪيو ته عمران خان ٻاهرين ملڪ کان ايندڙ ڪروڙين رپين جي رقم اسلام آباد ۾ قائم نجي بئنڪ جي جناح ايونيو برانچ مان ڪڍرائي ۽ اڪائونٽ پاڻ استعمال ڪيو، ذريعن موجب فارن فنڊنگ ڪيس ۾ ڪراچي مان پي ٽي آءِ جي ٽن اهم اڳواڻن جي گرفتاري جو به امڪان آهي، سومر تي عمران خان جي پيش نه ٿيڻ تي ايندڙ هفتي ايف آءِ اي ڪراچي جي ٽيم سندس گرفتاري لاءِ اسلام آباد يا لاهور روانو ٿيندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.