گلشن ٽينٽ سٽي جي سوين ٻوڏ متاثرن جي احتجاجي ريلي

ڪراچي : ڪراچي ۾ هجوم هٿان ٻن ملازمن جي وحشياڻي قتل واقعي خلاف گلشن ٽينٽ سٽي جي سوين ٻوڏ متاثرن احتجاجي ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو۔   نادرن باء پاس ڀرسان قائم گلشن ٽينٽ سٽي جي سوين ٻوڏ متاثرن پاران عتيق الرحمن سومرو۔ عبدالحميد ڇڇڙ۔ سيد علي اڪبر شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي۔ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو۔ ان موقعي تي سيد احمد علي شاھ ڪاظمي۔ عتيق الرحمن سومرو چيو ته ڪراچي جي مڇر ڪالوني ۾ انجنيئر ايمن جاويد ۽ ڊرائيور اسحاق پنھور کي  بيدردي سان قتل ڪيو ويو، ڪراچي سنڌين لاءِ تنگ ڪئي پئي وڃي۔ مڇر ڪالوني ۾ ٻن نوجوانن جو بدترين تشدد ذريعي قتل رياست جي ناڪامي آھي سنڌ حڪومت ۽ پوليس ان جي ذميوار آهي جنهن جي گهڻ رخي جاچ ٿيڻ گهرجي۔ اسين ھن ڌرتي جا وارث آھيون بيگناھ ڌرتي ڌڻين جي قتل تي خاموش نه ويھنداسين۔ ھنن چيو ٻن نوجوانن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن  کي گرفتار ڪري کين عبرتناڪ  سزا ڏياري وڃي۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.