عراق ۾ فٽبال اسٽيڊيم ويجهو بم ڌماڪو ، رانديگرن سميت 10 ڄڻا مارجي ويا

بغداد(م ڊ)عراق جي گادي واري شهر بغداد ۾ هڪ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 10 ماڻهو فوت ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن، ميڊي  رپورٽن موجب بغداد جي اوڀر حصي ۾ واقع هڪ ڪيفي ۽ فٽ بال گرائونڊ ويجهو بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 10 ماڻهو فوت ۽ 20 زخمي ٿيا آهن.مارجي ويلن ۾ رانديگر به شامل آهن.

وزيراعظم پاران ڏکڻ ڪوريا سانحي تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڏکڻ ڪوريا ۾ ڀاڄ سبب 151 ماڻهن جي فوت ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي، ڪالهه پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته مون کي ڏکڻ ڪوريا ۾ ڀاڄ سبب151  ماڻهن جي فوت ٿيڻ تي افسوس ٿيو آهي. هن چيو ته اسان جون دعائون ڏکڻ ڪوريا جي حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.