ڄامشوري ۾ غيرقانوني ترسيل 350 افغاني گرفتار

ڪوٽڙي (ن ع آ) ڄام شوري لڳ ايم نائن موٽر وي تي رينجرز ڪارروائي ڪري سنڌ ۾ غيرقانوني ترسيل  60 عورتن سميت 350 افغان شهرين کي گرفتار ڪري ورتو. رينجرز گرفتار ڪيل ڌارين کي  ڄام شورو پوليس حوالي  ڪري ڇڏيو، جن کي ڄام شوري ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي رکيو ويو، جن مان 122 ڄڻن خلاف ڪوٽڙي ۽ سائيٽ ٿاڻي تي ٻه الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا. گرفتار ٿيل افغان شهرين مٿان  فارين ايڪٽ تحت غيرقانوني طور سنڌ ۾ داخل ٿيڻ جا ڪيس داخل ڪيا ويا. ڪيس ۾ نامزد 122 افغان شهرين کي سول جج ٿاڻو بولا خان ايٽ ڪوٽڙي جي عدالت ۾ رمانڊ لاءِ پيش ڪيو ويو، عدالت کين جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.