ٽنڊي جان محمد ويجهو چانهه ٺاهي نه ڏيڻ تان مڙس هٿان زال قتل

انب موري (رپورٽ:علي احمد جروار ) ٽنڊي جان محمد ٿاڻي جي حد ڳوٺ بالو جا ڪنب ۾ چانهه ٺاهي نه ڏيڻ تان  ڪرشن ڀيل ڏنڊا هڻي پنهنجي  زال پنج ٻارن جي ماءُ 35 ورهين جي پريمي کي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس رورل هيلٿ سينٽر ٽنڊو جان محمد مان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.ٻئي پاسي جوابدار ڪرشن ڀيل کي پوليس گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. جوابدار ڪرشن ڀيل ميڊيا کي ٻڌايو ته هو بيمار هو، ننڊ نه پئي آئي ته گهر واريءَ کي چيم ته چانهھ ٺاهي ڏي، هن انڪار ڪيو، جنهن تان مون کي ڪاوڙ لڳي، ڏندو کڻي کيس هنيو، جيڪو هن کي ڪنڌ ۾ لڳو، مڻڪو ٽٽي پيس،  هي اتي ئي مري وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.