دهشتگردن پيريءَ ۾ سھارو کسي ورتو:مقتول ايمن جو پيءُ

ٺٽو (ڊ ر) مڇر ڪالوني ۾ بيدردي سان قتل ڪيل نوجوان ايمن سعيد جي والد جهوني صحافي سعيد جاويد چيو آھي ته دهشتگردن پيريءَ ۾ هن کان سھارو کسي ورتو، قتل ۾ ملوث جوابدارن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي. ٺٽي ۾ سول سوسائٽي جي احتجاج دوران عوامي آواز سان ڳالھائيندي سعيد جاويد چيو ته سندس پُٽ ڪراچي ۾ ھڪ نجي ڪمپني ۾ ڪم ڪندو ھو، مڇر ڪالوني ۾ سگنل چيڪ ڪرڻ لاءِ ويو ته غلط افواھ ڦھلائي کيس بيدردي سان قتل ڪيو ويو.هن گهر ڪئي ته  فوري طور سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي ته جيئن ٻيھر اھڙو واقعو نه ٿئي ۽ نه ئي وري ڪنھن والدين کان سھارو کسجي سگھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.