ٻن ڳڀروئن جي قتل خلاف ڌرتي ڌڻين ۾ ڪروڌ، ماڙي پور روڊ تي ڌرڻو

ڪراچي/گلشن اقبال ( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو +شفقت نوناري) ڪراچي جي مڇر ڪالوني ۾ ٽيلي ڪميونيڪيشن جي ملازمن ايمن سعد ۽ جاويد پنهور کي غيرانساني تشدد ذريعي مارڻ واري واقعي خلاف ۽ قاتلن کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ لاءِ مختلف سياسي سماجي قومپرست تنظيمن جسقم، سنڌ ترقي پسند پارٽي،  عوامي جمهوري پارٽي، جيئي سنڌ محاذ رياض، جيئي سنڌ محاذ خالق، سنڌ عوامي سٿ، نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي، عوامي راڄ تحريڪ مڇر ڪالوني اڳيان مين ماڙي پور روڊ کي بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو ۽ قاتلن کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ لاءِ شديد نعريبازي ڪئي، ٽي ڪلاڪ ڌرڻي سبب ٽاور ماڙي پور جا ٻئي روڊ بند ٿي ويا ۽ گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون ان موقعي تي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو ته ڪراچي ۾ سنڌين کي ديوار سان لڳايو پيو وڃي هڪ سازش ڌارين کي آباد ڪري سنڌي ماڻهن کي ڪراچي مان بي دخل ڪرڻ لاءِ مڇر ڪالوني جهڙا واقعا ڪرايا پيا وڃن جنهن ۾ پ پ به ڌارين سان ٻٽ بڻيل آهي ايس ٽي پي اڳواڻ خير محمد مگسي ،محمد حيات تنيو، مبارڪ ڀٽي چيو ته ڪراچي ۾ ڪيترائي ئي ڀيرا سنڌي نوجوان قتل ڪيا آهن ۽ هٿ وٺي سنڌين خلاف خوف وارو ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي، هنن چيو ته ڪراچي اسان جي تاريخي وطن جو تخت گاهه آهي جنهن جا وارث صرف سنڌي آهن بي رحماڻي قتل ۾ ملوث قاتلن کي سخت پڪڙ ۾ آڻي سزا ڏني وڃي. جسقم اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ چيو ته نوجوانن کي بي گناهه چيچلائي ماريو ويو آهي جنهن ۾ هڪ مولوي به ملوث آهي جنهن مسجد ۾ ڪوڙو اعلان ڪري ماڻهن کي مشتعل ڪيو. هن چيو ته سمورن غير قانوني بنگالين کي نيڪالي ڏئي قاتلن کي ڦاهي ڏني وڃي. عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ رشيد سڌايو، سعيده گوپانگ چيو ته مڇر ڪالوني ۾ غيرملڪي رهن ٿا جن بي گناهه کي سنگسار ڪري پيغام ڏنو آهي ته ڪراچي سنڌين لاءِ نوگو ايريا آهي. جسم اڳواڻ هاشم کوسو چيو ته مڇر ڪالوني واقعي خلاف سموري سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي اسين گهر ڪيون ٿا ڪو به قاتل زنده نه رهي. نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي چيئرمين ممتاز بروھي چيو ته بنگالي پناهه گيرن ٻه ڳڀرو قتل ڪيا آهن هي دهشت گرد ۽ هر ڏوهه ۾ ملوث آهن. سگنل درست ڪندڙ سنڌي ملازمن کي سنڌي هجڻ جي ڏوهه ۾ ماريا آهن جيڪو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين. سنڌ عوامي سٿ جي مرڪزي اڳواڻ رياض کيمٽيو چيو ته سنڌ اندر رهندڙ ڌاريا دهشت گردي ۾ ملوث آهن جن کي کلي ڇوٽ ڏني وئي جنهن سبب ٻن بي گناهه نوجوانن کي موت جي ننڊ سمهاريو ويو.  مڇر ڪالوني ۾ رهندڙ دهشت گردن خلاف بي رحماڻو آپريشن ڪري مقتول نوجوانن جي خون سان انصاف ڪيو وڃي دعا فائونڊيشن اڳواڻ حميرا ميمڻ چيو ته قانون جا رکوالا فوري نوٽيس وٺن ڇو ته لاشن جي به بي حرمتي ڪري ظلم جي انتها ڪئي آهي قاتلن سان به اهڙي سخت سزا ملڻ گهرجي عوامي راڄ تحريڪ اڳواڻن سراج چانڊيو، سارنگ پيرزادو چيو ته هي قتل صرف سنڌين جو نه پر سموري انسانيت جو قتل آهي جنهن جي سخت مذمت ڪجي ٿي ههڙي ظلم خلاف وزير اعلي سنڌ ۽ ٻين وزيرن جي خاموشي تي افسوس آهي سنڌ جو سمورو شعور مطالبو ڪري ٿو ته ڪراچي ۾ ڌارين دهشت گرد جوابدارن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي قانوني شڪنجي ۾ آڻي ختم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ڪروڙين عوام روڊن تي هوندو . 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.